وفاقي آئيني عدالت: ريلوي جي زمين تي قبضن بابت رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت ريلوي جي ملڪيت واري ايراضي تي ٿيندڙ حددخلين ۽ غير قانوني قبضن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريلوي جي آفيسرن کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي،  جسٽس حسن رضوي ۽  جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ريلوي جي زمين قوم جي امانت آهي ۽ ان جي تحفظ ۾ سنگين غفلت ڪئي وئي آهي، جسٽس حسن رضوي چيو ته ريلوي جا بهترين ڪلب، اسپتالون ۽ سروسز ختم ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته زمينن تي ڪچي آباديون، صنعتون ۽ ڳوٺ ٺهي ويا آهن، عدالت ريلوي آفيسرن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آفيسر اي سي وارن ڪمرن ۾ ويهي رهندا ته قبضا وڌندا، ڪنهن جو هٿ ريلوي تي بند نه آهي، زمين جي واپسي جو اختيار پاڻ ريلوي وٽ آهي، عدالت پڇيو ته ريلوي ملڪيت واري زمين جي واپسي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا؟ ريلوي اراضي تي تجاوزات ۽ قبضن جا ذميوار آفيسر خلاف ريلوي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ ريلوي جي وڪيل شاهه خاور ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ 1359 ڪئنال ريلوي جي زمين پنجاب حڪومت ڪچي آبادين لاءِ الاٽ ڪئي هئي، جنهن ۾ ريلوي اسٽيشني جو وڏو حصو پڻ شامل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.