27هين ترميم خلاف درخواستن تي لاھور هاءِ ڪورٽ طرفان فل بينچ قائم

لاھور (بيورو) لاھور هاءِ ڪورٽ 27هين آئيني ترميم 2025 خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ قائم ڪري ڇڏي، جسٽس چوڌري محمد اقبال 27هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن بعد عدالت انهن درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ ٽي رڪني فل بينچ  قائم ڪئي، عدالت ايڊووڪيٽ محمد شاهد رانا ۽ حسن لطيف چوڌري جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ قانون واري وفاقي وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ترميم تحت ڏنل ڇوٽ آئين جي آرٽيڪل 248 جي خلاف آهي، جڏهن ته وفاقي آئيني عدالت قائم ٿيڻ سبب عدالت  عظميٰ پاڪستان کي غير آئيني عدالت بڻايو ويو آهي، درخواست گذارن موجب ترميم سان سپريم ڪورٽ جي اختيارن ۾ گهٽتائي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ترميمن سان عدالتي اختيار گهٽجي ويا آهن ۽ عدالتي آزادي کي خطرو پيدا ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.