زال ۽ ٻارن کي گار ڏيڻ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ، قومي اسيمبلي ۾ بل منظور

اسلام آباد (رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ زال ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ بابت اهم قانون ڊوميسٽڪ وائلنس بل 2025 منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي مان ڊوميسٽڪ  وائلنس بل 2025 جي منظوري کانپوءِ هاڻ بل جو مسودو سينيٽ ۾ پيش ٿيندو، بل ۾ گهرواري، ٻارن يا گهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کي گار ڏيڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو . متن موجب گهرواري، ٻار يا گهر ۾ موجود ٻين ماڻهن کي جذباتي، نفسياتي طور پريشان ڪرڻ به ڏوهه هوندو، جوابدار کي 3 سالن تائين سزا، هڪ لک رپين تائين ڏنڊ به لاڳو ڪري سگهبو. مسودي موجب زال کي مرضي بنا گهر ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ رکڻ به سزا جوڳو ڏوهه هوندو، خاندان جي ماڻهن جي پرائيويسي يا ساک کي نقصان پهچائڻ به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. متن ۾ چيو ويو آهي ته زال يا گهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کي جسماني تڪليف پچائڻ جي ڌمڪي به سزا جوڳو ڏوهه هوندو، گهر ۾ گڏ رهندڙ ڪنهن به ڌر تي الزام هڻڻ تي به سزا ملندي، زال، ٻارن يا گهر ۾ رهندڙ ٻي ڌر جو خيال نه رکڻ به سزا جوڳو ڏوهه هوندو. قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل ڊوميسٽڪ وائلنس بل ۾ جنسي ۽ معاشي استحڪام کي به روڪيو ويو آهي. بل زال، ٻارن، گهر ۾ رهندڙ پيرسن ماڻهن، پاليل ٻارن، ٽرانسجينڊرز، جيڪي گڏ رهندا آهن انهن تي لاڳو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.