راولپنڊي(م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته عمران خان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ هاڻ مان وزيراعظم کي ڪال نه ڪندس، جيڪڏهن ڪنهن وٽ اختيار ناهي ته ان سان ڳالهائڻ جو ڇا فائدو آهي. ميڊيا سان گفتگو ۾ هن چيو ته اسان آئين ۽ قانون جي دائرن ۾ رهندي سڀ راهون اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ عدالتي حڪمن موجود آهن، پوءِ اهو ڪير آهي جيڪو مون کي روڪي رهيو آهي؟ ٽن ججن جا حڪم موجود آهن، اهي چون ٿا ته اسان آرڊر ناهن ڏٺا، عدالتي حڪمن کي ايترو بي توقير ڪيو ويو آهي جو هڪ ايس ايڇ او چوي ٿو ته مون ڏٺو ئي ناهي؟ ادارن کي ان تي فوري ڪارروائي ڪري پنهنجي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي، جيڪڏهن ادارا پنهنجا حڪم نٿا مڃين، ته پوءِ اسان کان گلا نه ڪن.هن چيو ته منهنجي تلخي ان ڪري آهي جو آئين ۽ قانون جي پٺڀرائي نٿا ٿي رهيا، منهنجي تلخي غير آئين ۽ قانوني ناهي، مان ڪا ڌمڪي يا اهڙو لهجو استعمال نٿو ڪريان جيڪو قانون ۽ آئين جي دائري کان ٻاهر هجي، منهنجو حق آهي ته جيڪڏهن ڪو آئين ۽ قانون تي عمل نٿو ڪري، ته ان کي ٿوري تلخ لهجي ۾ سمجهايان، اهو ئي مان ڪري سگهان ٿو.