اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو ضمني چونڊن تي مقرر سرڪاري ملازمن جي خلاف ڌمڪي وارن لفظن جو نوٽيس وٺندي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سهيل آفريدي کي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ اليڪشن ڪميشن کي طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن ڪيس اڄ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ اين اي 18 مان اميدوار شهناز عمر ايوب کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن اڄ ڏينهن جو 12 وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.اليڪشن ڪميشن چيو ته صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي غير ذميوارانه رويي سبب اين اي 18 هري پور ۾ پرامن ضمني چونڊون منعقد ڪرڻ مشڪل ٿي ويو، ضلعي انتظاميه، پوليس ۽ اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر عملو ۽ ووٽرن جي حياتين کي خطرو پيش اچي سگهي ٿو. صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيف سيڪريتري ۽ آءِ کان گڏجاڻي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اليڪشن ڪميشن معاملي جي سنگيني کي آڏو رکندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ اميدوار مسمات شهناز عمر ايوب کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اڄ تاريخ 21 نومبر 2025 تي طلب ڪري ورتو. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ترجمان چيو ته بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير جو يغام چٽو هو ته اليڪشن ۾ مداخلت تي سخت قانوني ڪارروائي ٿيندي.