اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 4 ججن پاران 27 هين ترميم چيلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 4 ججن 27 هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني سميت چئن ججز طرفان ترميم چيلينج ٿيندي، ترميم چيلينج ڪرڻ جي لاءِ ڊرافٽ تيار ڪري سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ئي 27هين ترميم جي معاملي کي چيلينج ڪيو ويندو. جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار درخواستگذارن ۾ شامل آهن. انهي کان علاوه جسٽس ثمن رفعت امتياز ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان به چيلينج ڪندڙ ججز ۾ شامل آهن. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جي ذريعن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ اڃان تائين 27هين ترميم خلاف هاءِ ڪورٽ ججز جي ڪابه پٽيشن داخل نه ٿي آهي. وفاقي آئيني عدالت جي ذريعن چيو ته وفاقي آئيني عدالت ۾ به ججز طرفان 27هين ترميم خلاف ڪابه درخواست داخل نه ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.