اسلام آباد (عمران شفقت) سپريم ڪورٽ ۾ اندروني بحران شدت سان ظاهر ٿيو جڏهن فل ڪورٽ ميٽنگ ۾ چيف جسٽس ججن جي خط واري عمل تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪئي. چيف جسٽس چيو ته عدالتي اختلافن کي عوامي ڏيک جو حصو نه بڻايو وڃي ۽ 27هين ترميم جي ايجنڊا تي اعتراض ڪرڻ وارن ججن کي اجتماعي استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي ججن خاموشي اختيار ڪئي ۽ پوئتي هٽي ويا. 2 ڊسمبر تي عدليا ۾ اهم مقررين لاءِ جڊيشل ڪميشن جا ٽي اجلاس ٿيڻ وارا آهن، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس جي مقرري ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججز جي سپريم ڪورٽ ۾ شموليت تي فيصلو شامل آهي. اندروني اختلاف عارضي طور دٻجي ويو آهي، پر 2 ڊسمبر جي اجلاس کان اڳ عدالتي ماحول تي دٻاءُ برقرار آهي.