آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ملڪ ۽ عوام لاءِ لازمي آهن: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته آزاد، منصفاڻيون ۽ خودمختيار چونڊون ملڪ ۽ عوام لاءِ لازمي آهن، آزاد ڪشمير ۾ مرحليوار چونڊن ۽ نتيجن بابت پيدا ٿيل صورتحال ڪيترائي سوال اٿاري ٿي، هن اهي ڳالهيون آل پاڪستان فرنيچر ايسوسيئيشن پاران ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد ٽن ڏينهن واري پهرين پاڪستان فرنيچر ٽريڊ شو 2026 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون، هن چيو ته ملڪ ۾ هن شعبي جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ پاڪستان مان فرنيچر ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڻ برآمد ڪيو وڃي ٿو، فرنيچر جي صنعت جي سرپرستي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن نوجوانن لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿين ۽ هو پنهنجي بهتر مستقبل جي تعمير ڪري سگهن، آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ٽئين مرحلي دوران ڪجهه ضلعن ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون، جڏهن ته مرحليوار چونڊن ۽ نتيجن جي طريقيڪار ڪيترائي سوال پيدا ڪيا آهن.

You might also like