ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي ايس پي ٽريفڪ ڪراچي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان نئين وارننگ جاري ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊي ايس پي ٽريفڪ پوليس چيو ته رڳو ڊرائيور ئي نه پر برابر ۾ ويٺل مسافر لاءِ به سيٽ بيلٽ ٻڌڻ لازمي آهي.
هن چيو ته ٽريفڪ قانونن جي ٻيو ڀيرو ڀڃڪڙي تي پهريون نه ورتل ڏنڊ به وصول ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته اسان وٽ ٻين صوبن جي گاڏين جو رڪارڊ ناهي، گاڏين تي جعلي نمبر پليٽ لڳائي هلائڻ جون ڪيتريون ئي شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.
ڊرائيور سان گڏ ويٺل مسافر لاءِ به سيٽ بيلٽ ٻڌڻ لازمي آهي: ڊي ايس پي ٽريفڪ ڪراچي
You might also like