ڀٽو جي پ پ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي جو نوان صوبا ٺاهڻ کي غداري ٿي چئي؟ خالد مقبول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار آئين ۾ ڀٽو جي دور کان آهي، اها ڀٽو جي پ پ اڄ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي، جيڪا آئين جي آرٽيڪل تي عملدرآمد کي غداري ٿي چئي؟
پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي جي ماسٽر پلان کي ڪرپشن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، اسان عدالتن سان رابطو ڪري قانوني ڪارروائي ڪنداسين، ڪراچي تي 17 ورهين جو قبضو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته ملڪ ۾ جاگيرداراڻي جمهوريت آهي، آئين جو آرٽيڪل 239 نوان ضلعا ۽ صوبا ٺاهڻ جو چئي ٿو، جيڪڏهن ڪو ان شق تي عمل ڪري ته ڇا اها غداري هوندي؟ آئين چئي ٿو ته مڪاني حڪومتون قائم ٿيڻ گهرجن، عوام کي آئين موجب انهن جا حق ڏيو.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم 18هين ترميم جي خاتمي نه پر ان تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿي، جيڪڏهن عدالتن مان به انصاف نه مليو ته روڊن تي اينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.