ڪالعدم ٽي ٽي پي افغان سرزمين استعمال ڪري پاڪستان تي ڪيترائي حملا ڪيا: ڊنمارڪ

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ ڊنمارڪ جي نائب مستقل نمائندي سينڊرا جينسن لانڊي ڪالعدم ٽي ٽي پي کي خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.
گڏيل قومن ۾ خطاب ڪندي سينڊرا جينسن لانڊي چيو ته افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جا تقريبن 6 هزار ويڙهاڪ موجود آهن، جيڪي مسلسل خطي جي سيڪيورٽي کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.
هن چيو ته طالبان حڪومت ڪالعدم ٽي ٽي پي کي لاجسٽڪ سپورٽ ۽ سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، جيڪا سڄي خطي ۾ دهشتگردي جي خطرن کي وڌائي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي افغان سرزمين کي استعمال ڪندي پاڪستان تي ڪيترائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي وڏي پيماني تي جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو، اها صورتحال نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان وڌندڙ خطري جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو وڃي ۽ افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهن جي خاتمي لاءِ گڏيل قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.