راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروائيون ڪري ڀارتي حمايت يافتا فتنه الخوارج جا 30 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڪرم ضلعي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ۽ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 23 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪرم ۾ هڪ ڪارروائي ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته ٻي ڪارروائي ۾ 11 خارجين کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مهمند ۾ ڪارروائين دوران 4 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته لڪي مروت ۾ ٻه ۽ ٽانڪ ۾ هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو.
You might also like