آمريڪي رپورٽ ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي فتح تي ٺپو هڻي ڇڏيو: وزيراعظم

باغ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنگ جي ميدان ۾ پاڪ فوج ڀارت کي زوردار چماٽ هئي، جنهن تي آمريڪي ڪانگريس به ٺپو هڻي ڇڏيو.
باغ، آزاد ڪشمير ۾ دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽرمپ پنهنجي هر تقرير ۾ پاڪستان جي تعريف ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته 7 نوان جهاز ڪيرايا ويا، اسان جي ايئر فورس ۽ بري فوج 4 ڏينهن ۾ ڀارت کي کوڏا کوڙائي ڇڏيا.
هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم ۽ فيلڊ مارشل جي شاندار ۽ بنا خوف قيادت جي ڪري ممڪن ٿيو، فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ بنا خوف مشاورت سان ڀرپور فيصلا ڪيا، پاڪ فوج جي دليري ۽ فتح سبب پاڪستان جو دنيا ۾ وقار وڌيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.