نئين دهلي (م ڊ) افغانستان پاڪستان سان لاڳاپن ۾ تڪرار کان پوءِ ڀارت سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي، افغانستان جو واپار بابت قائم مقام وزير نورالدين عزيزي ڀارت پهچي ويو، جتي هو ڀارتي واپار جي وزير ۽ ڀارتي ناڻي واري وزير سان ملاقات ڪندو، افغان واپار واري وزارت موجب نورالدين عزيزي ڀارتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقات ڪندو، جنهن جو مقصد افغان-ڀارت اقتصادي تعاون کي وڌائڻ، واپاري لاڳاپا آسان بڻائڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي، افغان وزارت تجارت چيو آهي ته هن دوري سان افغانستان جي علائقائي واپار ۾ حصي کي مضبوط ڪرڻ جو مقصد آهي، ٻئي طرف، ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال افغان وزير سان ملاقات جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته دوري جو بنيادي مقصد ٻنهي ملڪن جي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي.