اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي بلوچستان جي علائقي تربت بدلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،خبر موجب عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي خط لکندڙ 5 ججن کي بدلي ڪرڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، انهن ججن کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ پهرين ٻئي صوبي مان 15هين نمبر وارو جج چيف جسٽس ڪري مقرر ڪيو ويو،پوءِ 27هين ترميم ۾ مرضي کان بغير بدليون مقرريون آسان بڻايون ويون آهن،اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ مان چئن ججن کي بدلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،پهرين مرحلي ۾ ٻن ججن کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي تربت بئنچ ۾ ٽرانسفر ڪيو ويندو،تربت اهڙو علائقو آهي جتي بدامني آهي،عليحدگي پسند تنظيمون سرگرم آهن،انهن ججن ۾ جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس اعجاز اسحاق شامل آهن،جسٽس اعجاز اسحاق اهو جج آهي جنهن توهين عدالت وارن ڪيسن ۾ دٻاءُ باوجود ڪيس ٻڌا ۽ لائيو اسٽريمنگ ڪري شاندار رمارڪس به ڏنا هئا،جسٽس بابر ستار به دليراڻو موقف رکندڙ جج آهي،ٻنهي ججن بلوچستان بدلي قبول نه ڪئي ته کين رٽائر ڪيو ويندو اطلاع آهن ته ٻئي جج بلوچستان منتقل ٿيڻ کان انڪاري آهن،