عمران خان جي ڀينرن تي پوليس تشدد،گهليو ويو،سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

اسلام آباد(بيورو)راولپنڊي ۾ اڊياله جيل ٻاهران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي  ڀينرن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ڌرڻي تي پوليس چڙهائي، تشدد ڪري کين اٿاريو ويو، نورين نيازي جي حالت خراب ٿي وئي،پي ٽي آءِ جي ترجمان الزام هنيو آهي ته پنجاب پوليس عمران خان جي ڀينرن تي تشدد ڪيو، ۽ جماعت جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي پوليس ٽرڪن ۾ ڀري چڪري جي ويجهو وڃي ڇڏيو ويو،عليمه خان پريس ڪانفرنس دوران پڻ الزام هنيو ته پوليس اهلڪارن نورين نيازي کي زمين تي اڇلائي روڊ تي گهليو، جنهن سبب هوءَ بيهوش ٿيڻ واري هئي،عليمه خان چيو ته پوليس هڪ ئي ٽرڪ ۾ مردن ۽ عورتن کي کنڀيو،اسان عمران خان سان ملاقات ڪرڻ آيون هيوسين، پر جيل انتظاميه  ملاقات جي اجازت نه ڏني،نورين نيازي چيو ته مان بيٺل هئس ته پوليس مون کي وارن کان پڪڙي زمين تي اڇلايو،باقي وڊيو ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته ڇا ڇا ڪيو،ان تي افسوس ئي ڪري سگهون ٿا،اهي ڪيتري حد تائين ڪري چڪا آهن،سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (X) تي حيدر علي نالي هڪ صارف لکي ڇڏيو ته گذريل رات سڄي دنيا ڏٺو ته ڪيئن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ نورين خانم تي پنجاب پوليس تشدد ۽ غير انساني ورتاءُ ڪيو.”  اهي تصويرون وڌندڙ جبر ۽ رياستي سفاڪي جي افسوسناڪ حقيقت کي ظاهر ڪن ٿيون. فيضان لکيو ته سوري عمران خان، اسان اوهان کي مايوس ڪيو،سينئر صحافي زاهد گشڪوري لکيو ته لڙڪ، تڪليفون، ڏک، مايوسيون رڳو ڀينرون ئي پنهنجي 73 ورهين جي ڀاءَ جي اذيت کي ڀوڳي، ان جو ساٿ نڀائي رهيون آهن،. انهن ڀينرن کي عمران خان سان ملڻ ڏيو، ڪو آسمان نه ڪري پوندو ،آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفيرحسين حقاني لکيو ته افسوسناڪ. قابلِ مذمت. ڪاش سياستدان گڏجي اسٽيبلشمينٽ جي هنن زيادتين کي ختم ڪن. بدقسمتي سان هو هڪ ٻئي خلاف چور، ڦورو جو بيانيو ٺاهي انهن زيادتين کي جواز ڏيندا رهن ٿا،صحافي حماد حسن لکيو ته پهريائين بينظير ڀٽو پنهنجا ٻار کڻي جيل جي دروازي تي ويٺي رهندي هئي.پوءِ ڪلثوم نواز کي گاڏي سميت لفٽر ۾ کنيو ويندو هو. ۽ اڄ عمران خان جون ڀينرون هڪ ٿڌي رات ۾ بي آسرو ويٺيون آهن.پر سياستدان پوءِ به نه سکندا، صحافي شهزاد اقبال،حامد مير،عاصمه شيرازي،مهر بخاري،فريحه ادريس لکيو ته مريم نواز ته دعوائون ڪري پئي ته اسان ڪنهن کان انتقام ناهي ورتو،پوءِ هي ڇا آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.