اڄ جي پاڪستان ۾ عورت جي حرمت محفوظ ناهي:عارف علوي

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي صدر عارف علوي لکيو آهي  ته اڄ جو پاڪستان  هي آهي،جتي عورت جي چادر جي حرمت کي پامال ڪيو پيو وڃي.انهن ڀينرن جو صرف جرم اهو هو ته هوءَ پنهنجا ڀاءَ سان ملڻ آيون هيون.مٿن تشدد ڪيو ويو۽ کين گهليو ويو،هن چيو ته اهو مردن ۽ عورتن جي غيرت جو جنازو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر لکيو ته جنهن طرح هو ٻين سان اهو سلوڪ ڪن ٿا، خود پنهنجي لاءِ مڪمل استثنا جو بندوبست رکڻ چاهين ٿا،پ پ اڳواڻ نديم افضل چن شهيد بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جون پراڻيون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته مڃو ڪالهه به غلط هو،اڄ به غلط آهي،ڪاش اسان ان مان ڪجهه سکون ها، اڳوڻي گورنر محمد زبير لکيو ته اهو شرمناڪ عمل آهي،خدمت خلق پارٽي جي عمار علي جان لکيو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ ۽ آئين کي لتاڙڻ کان پوءِ حڪمرانن لاءِ شهريَن کي بي شرمي سان ذليل ڪرڻ بلڪل فطري ڳالهه بڻجي وئي آهي۔هن ظالماڻي راڄ خلاف مزاحمت ڪرڻ هر اُن شخص جو فرض آهي جيڪو جمهوريت، انساني وقار ۽ بنيادي شرافت تي يقين رکي ٿو۔”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.