مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ اڪثريتي فيصلو درست ناهي: جسٽس جمال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مخصوص سيٽن  جي ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل   اڪثريتي فيصلي تي جزوي اپيلون منظور ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪيو. سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل جو اهم فيصلو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ انهن جزوي اپيلون منظور ڪندي 41 سيٽن سان لاڳاپيل اڪثريتي فيصلي کي نظرثاني ۾ تبديل ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل جي 12 صفحن تي مشتمل فيصلي مطابق، مخصوص 39 سيٽن تي انهن پنهنجو اصل فيصلو برقرار رکيو آهي، پر 41 سيٽن  جي معاملي ۾ اڪثريتي فيصلو آئين ۽ حقيقتن سان ٻڌل ناهي. انهن چيو ته عدالت ڪنهن اميدوار جي سياسي وابستگي کي تبديل نٿي ڪري سگهي ۽ 41 اميدوارن کي آزاد قرار ڏيڻ جو اختيار عدالت وٽ نه هو.فيصلو واضح ڪيو ويو آهي ته 41 اميدوارن جو معاملو عدالت جي اڳيان   التوا هيٺ ناهي، تنهنڪري اڪثريتي فيصلو اختيار  اورانگهڻ برابر هو .جسٽس جمال مندوخيل انهن 41 نشستن کي واپس سني اتحاد ڪائونسل جي حق ۾ قرار ڏنو آهي. جسٽس منصور علي شاهه جي فيصلي ۾ 41 اميدوارن کي آزاد قرار ڏنو ويو هو، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل اختلاف ڪندي جزوي اپيلون منظور ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.