لاهور (بيورو) اڳوڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ريوينو سيالڪوٽ اقبال سنگھيڙا کي پوليس حراست مان فرار ٿيڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، ذريعن موجب اڳوڻي اي ڊي سي آر اقبال سنگھيڙا خلاف هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي کان ڪروڙين رپيا رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ ڪيس هينئر تائين عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، پوليس ذريعا ٻڌائن ٿا ته 13 نومبر تي اقبال سنگھيڙا کي لاهور کان راولپنڊي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندو ويو هو، جتي هو چڪري موٽروي ريسٽ ايريا مان ڊرامائي انداز ۾ فرار ٿي ويو هو، پوليس موجب جوابدار جي فرار ٿيڻ بعد سندس خلاف ايف آءِ آر ٿاڻي چڪري ۾ داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ اي ايس آءِ سميت راولپنڊي پوليس جا 4 اهلڪار به نامزد ڪيا ويا.
-
ثانيه زهره قتل ڪيس: مڙس کي موت جي سزا
ملتان (م ڊ) ملتان جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ ثانيه زهره قتل ڪيس ۾ مقتولا جي مڙس علي رضا کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، ثانيه زهره قتل ڪيس ۾ مڙس علي رضا، سس عذرا پروين، ڏير علي حيدر سميت 6 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو، عدالت فيصلو ڪندي علي رضا کي موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته سس عذرا پروين ۽ ڏير علي حيدر کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو ، جڏهن ته 3 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو، فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول ثانيه زهره جي والد اسد عباس شاهه چيو ته مان پنهنجي ڌيءَ لاءِ اڪيلو وڙهندو رهيس، اڄ انصاف ۽ عدليه جي فتح ٿي آهي، ڪو به ٻئي ڪنهن ڇوڪري کي اڳتي قتل نه ڪري سگهندو،
واضح رهي ته ثانيه زهره کي گذريل سال سندس مڙس قتل ڪيو هو.
-
ڪشمور ۾ ارڙي وگهي 3 معصوم ٻارڙيون فوت
ڪشمور.ن ع آ ڪشمور ۾ ارڙي وگهي ٽي معصون ٻارڙيون فوت ٿي ويون ڳوٺ عبدالقيوم مزاري ۾ ارڙي سبب ٽي معصوم نينگريون ارڙي وگهي فوت ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾مبتلا ٿي ويا ڪشمور تعلقا اسپتال ۾ مبينا غفلت ۽ بي ڌياني سبب ارڙي جي ويڪسين وقت سر نه لڳي سگهي فوت ٿيندڙن نينگرين ۾ دعا مزاري مريم مزاري ،سومري مزاري شامل آهن جڏهن ته ڪشمور جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾مبتلا ٿي ويا آهن سول اسپتال ڪشمور جا ڪيترائي ملازم ڊيوٽي تان غير حاضر ويزا تي ويل آهن مختلف علائقن ۾ ارڙي جي حفاظتي ويڪسين نه ٿي سگهي ڳوٺاڻن چيو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران ارڙي جا ڪيس خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، پر ڪشمور اسپتال انتظاميا طرفان ٽيمون نه موڪليون ويون آهن ڊي سي ڪشمور ڊي ايڇ او ڪشمور کان بروقت حفاظتي ٽيڪا لڳائڻ لاءِ ڪا اعليٰ انتظاميا کان سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪجي ٿو علائقي واسين احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته نااهل صحت انتظاميا ڪشمور خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي