مٺي/ڏيپلو(رپورٽ:غازي بجير/ساگر ڏيپلائي)ڏيپلو ڀرسان پوليس هٿان نوجوان گوليون ھڻي قتل ٿي ويو. ڏيپلو ويجھو بدين جي ڳوٺ ولھاري واسي 36 ورھين جي نوجوان رمضان کوسو لڳڻ سبب قتل ٿي ويو آھي،واقعي جو سبب پوليس مقابلي ۾ فائرنگ ٻڌايو پيو وڃي،ذريعن موجب پوليس چيڪ پوسٽ تي رمضان کوسو کي سندس گاڏي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو ، اشارو نظرانداز ڪرڻ يا سمجهي نه سگهڻ تي پوليس گاڏي جو پيڇو ڪندي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان رمضان کوسو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي دم ڏئي ويو، مقتول رمضان کوسو ڪڍڻ لڳ ولھاري جو رھواسي آھي، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ،مقتول جي وارثن سندس چاچي پنھون کوسو،ڀاءُ علي احمد کوسو ۽ چاچي محمد کوسو الزام هڻندي چيو ته اسان جو نوجوان ڪنھن به ڏوھ ۾ ملوث ھو ته کيس قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ھا،نوجوان کي ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ،پوليس اھلڪار شوڪت راھمون ۽ پوليس اھلڪار پرڪاش ميگھواڙ قتل ڪيو آھي مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي،نوجوان جي قتل بعد بدين سميت ٿرپارڪر جا سوين ماڻھو اسپتال ڏيپلو پھچي ويا،ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان پان جي ڪئبين تي ڪم ڪندو ھو، نوجوان جي وارثن پاران ايس ايڇ او ڏيپلو سميت اهلڪارن تي نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي،ٿاڻي تي اڃا ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي نوجوان جو مڙھ ھن وقت اسپتال ۾ پيل آھي جتي وارث وڏي تعداد ۾ موجود آھن،
-
پوليس کي ڪنھن اختيار ڏنو آھي ته بي گناهن کي قتل ڪري: ارباب انور
مٺي/ڏيپلو: ارباب گروپ جي اڳواڻ ارباب انور ڏيپلي تاڻي تي پھچي مقتول نوجوان جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ چيو آھي ته نوجوان رمضان کوسو کي پوليس گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي جيڪو افسوس ناڪ عمل آھي،پوليس کي ڪنھن اختيار ڏنو آھي ته ھو جنھن کي وڻي ان کي قتل ڪري ڇڏيو،ڏيپلو ٿاڻي جو ايس ايڇ او 10 سالن کان ساڳئي پوسٽ تي ويٺل آھي جيڪو ماڻھو ماري رھيو آھي،ڊي ايس پي ماجد قائمخاني چيو آھي ته پوليس تي لڳندڙ الزامن ۾ ڪو صداقت ناھي اسان واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون،وارثن سان انصاف ٿيندو،
-
نوجوان کي پٺيان لڳل گولي دل چيري اندر ئي رهجي وئي
مٺي:نوجوان رمضان کي پويان گولي لڳي جيڪا دل ۽ سيني کي چيري اندر ئي رھجي وئي جيڪو موت جو سبب بڻي،ذريعن موجب نوجوان کي بيدرديءَ سان گوليون ھڻي ماريو ويو آھي،
-
نوجوان جي گاڏي مان منشيات سميت ڪجهه هٿ نه آيو
مٺي:مقتول نوجوان جي گاڏي مان ڪجھه به ھٿ نه آيو،ڪار خالي ملي،ذريعن موجب پوليس منشيات ھجڻ جي شڪ تي گاڏي جو پيڇو ڪندي گولين جو مينھن کولي ڇڏيو،نتجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو،