27هين ترميم خلاف وارهه ۾ مارچ،سنڌ ٽوڙڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين:اياز پليجو

وارھ(ن ع آ) قومي عوامي تحريڪ وارھ شھر ۾ 27 آئيني ترميم خلاف، سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت لاءِ نامياري قانوندان، دانشور اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ نيو سٽي ھوٽل کان  پيادل مارچ ڪيو، جيڪو شھر جي گشت ڪري ٽيڪسي اسٽاپ وٽ پھتو، جتي يوم لطيف ۽ قاضي غفار جي ورسي جو جلسه عام ڪيو ويو. مارچ ۾ ھزارين ماڻهن 27 ھين آئيني ترميم نامنظور، عدالتن جو قتل ناننظور، جمھوريت جو قتل نامنظور، سنڌ ڪنهن جي سنڌين جي، درياھ خاطر جھيڙو آ، سنڌو خاطر جھيڙو آ، ڪئنال نامنظور جي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته جيترو سنڌ جي ماڻهن کي نشانو بڻائيندا، دٻاءُ ۾ رکڻ چاهيندا ته اڃان سنڌ جي ماڻهن ۾ وڌيڪ نفرت ۽ ڪاوڙ جنم وٺندي.27ھين آئيني ترميم جمھوريت، عدالت ۽ بنيادي انساني حقن جي قاتل آھي.  اقتدار خاطر انصاف، عدالت، درياھ، وسيلا، زمين تين وال ڪيا پيا وڃن. اياز لطيف پليجي سنڌ جي قومپرستن، اديبن، دانشورن، ساڃاھ وندن کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو ٽڪي جي انائن کي لت هڻي اچو ته ھڪ للڪار ٿي سنڌ جي اجتمائي مفادن خاطر ھڪ ٿي مقابلو ڪريون.هن چيو ته  نوان يونٽ ٺاھي ورهائڻ يا سنڌ جا وسيلا کڻڻ يا اين ايف سي ذريعي سنڌ جو مالي حصو کڻڻ. سنڌ جو پاڻي، وسيلا، پيٽرول، گئس، ڪوئلو، ٻيٽن کي ڦٻائڻ جي ڪوشش يا سنڌ جي تعليم، صحت کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ٿيندي ته  سنڌ جا ماڻهو مزاحمت ڪندا.هن چيو ته  پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جا ڪرپٽ حڪمران ڀلي وزارت اعظميٰ لاءِ سودو ڪن پر سنڌ جو عوام سودو نه ڪندو. سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته وطن، قوم، وسيلا، وحدت اھا وڌيڪ اھم آھي. اقتدار واري جي مٺ آهي، هن چيو ته  ڊاڪٽر غفار قاضي سنڌ جو آواز ھو، سنڌ جو اھو يگانو انقلابي ھاري اڳواڻ ھو، جنھن سنڌو درياھ، وطن،ڌرتي ڌڻين ۽ ھارين جي حقن جي جدوجھد لاءِ پنھنجي صحت جي به پرواھ نه ڪئي ڏينھن ھجي يا رات پارٽي حڪمن کي لبيڪ ڪيو،هن چيو ته  شاهه لطيف عورت جي چپن ۽ ڳلن، قد ۽ ابرو جي بجاءِ بهادري ۽ سچائيءَ جي ساراھ ڪئي آهي شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي شاھ لطيف اشرافيه نه پر عوام جو شاعر هو، شاھ لطيف  جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. واپاري ۽ وياج خور مافيا کي مضبوط ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي يرغمال ڪيو ويو آھي. هن چيو ته  لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ضلعن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آھي. وزيرن جون پگھارون گھٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي. کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن. زراعت جي بحالي لاءِ آبادگارن کي بنا وياج جي پنج سالن لاءِ قرض ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.