فارم 47 جي حڪومت کي آئيني ترميم جو ڪو به حق ناهي:حافظ نعيم

لاهور(بيورو)  جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 27 هين ترميم جو شور آهي،ان کان پوءِ 28 هين، 29 هين ۽ 30 هين ترميم ايندي، پر انهن ترميمن کان پوءِ به حڪمران قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا. جماعت اسلامي اهڙين سڀني ترميمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جلد ئي وقت اچي رهيو آهي جڏهن اهي ترميمون واپس ڪيون وينديون. خودمختياري صرف الله جي آهي، ڪو به فرد مستثنيٰ نه آهي،جيڪي ترميمون ڪن ٿا ۽ ڪرائين ٿا، اهي سڀ هڪ آهن.. انهن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب جي ميٽ دي پريس پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن عدل ۽ انصاف جا دروازا بند ڪري ڇڏيندا ته پوءِ عدالتون چوڪن ۽ چوراهين ۾ قائم ٿينديون، جنهن سان انتشار پيدا ٿيندو.هن چيو ته سڄي ملڪ مان لکين ماڻهو 21 کان 23 نومبر تائين مينار پاڪستان ته گڏ  ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.