ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: علي وسير) ميرپورماٿيلو ۾ بااثر شخص نديم قريشي وڏيري علي گوھر نائچ جي شادي ھال تان مبينا ديڳ چوري جي الزام هيٺ ٻن نوجوانن ناصر ۽ سلطان خشڪ کي پنهنجي عدالت لڳائيندي سڄي رات تشدد ڪرڻ بعد صبح گارڊر تي ٽنگي ڇڏيو. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي گھوٽڪي نوٽيس ورتو جنهن کانپوءِ نديم قريشي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو. الزام هيٺ آيل ٻنهي چورن کي به گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان سليم ڇڄڻ موجب جاچ جاري آهي، جڏهن ته شهرين بااثر خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.