اسلام آباد(ع آ نيوز) عالمي تنظيم انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس(آءِ سي جي) 27 هين ترميم خاص طور وفاقي آئيني عدالت جي جوڙجڪ، ججن جي مقرري، جوڊيشل ڪميشن جي نئين ترتيب، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلين، صدر ۽ فوجي قيادت کي ڇوٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. آءِ سي جي چيو آهي ته ترميم کان پوءِ سپريم ڪورٽ صرف اپيل جو فورم رهي آهي. هن چيو ته آئين جي تشريح جو حق سپريم ڪورٽ کان آئيني عدالت منتقل ڪئي وئي آهي. ترميم ۾ ججن جي مقررين جا معيار يا اصول واضح ناهن ڪيا ويا.