مڪاني نظام بابت قانون سازي ضروري، دفاع ۽ قرضن ۾صوبا حصو وجهن:خواجا آصف

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان کي غزا موڪلي ويندڙ فورس جو حصو بڻجڻ گهرجي،نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ابراهم اڪارڊ بابت پاڪستان جو موقف واضح آهي،ٻه رياستي حل تي پاڪستان جي موقف ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي،هن چيو ته افغانستان دهشتگردن جي آماجگاهه بڻجي چڪو آهي،ڀارت ڪڏهن نه چاهيندو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا ٺيڪ ٿين،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارتي آرمي چيف جي بيانن کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، 28هين ترميم بابت ڳالهائيندي هن چيو ته نون صوبن جي حمايت نه ڪندس، پر اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽ نه ڪنداسين،اسان صوبن کي چونداسين ته دفاع ۽ قرضن ۾ پنهنجو حصو وجهن، پر لوڪل گورنمينٽ بابت قانون سازي وقت جي ضرورت آهي،هن چيو ته آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان کي ضرور ڪجهه ڪرڻو پوندو،نه ته ترقي ممڪن ناهي، خواجا آصف چيو ته سڀ کان وڌيڪ طاقت بيوروڪريسي وٽ آهي، جيستائين ڪاموراشاهي جي طاقت ختم نه ٿيندي تيستائين ڪو به مسئلو حل نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جو نوٽيفڪيشن جلد ٿيندي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جا فرض چيف آف ڊفينس کي منتقل ٿي ويندا، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل(ر)فيض حميد جي ٽرائل  بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي ان حوالي سان ڪا به خبر ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.