ڪراچي يونيورسٽي ۾ اڃا تائين داخلائون ميرٽ بدران تعصب واري پاليسي تي ٿيڻ جو انڪشاف

 ڪراچي(رپورٽر) پي اي سي ۾ ڪراچي يونيورسٽي انتظاميه پاران اڃا تائين داخلائون ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان (ڪي ايس پي ) پاليسي جي بنياد تي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد پي اي سي ڪراچي يونيورسٽي انتظاميه کي ڪي ايس پي ايڊمشن پاليسي جو نئين سر جائزو وٺي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سڀئي داخلائون ڪي ايس پي پاليسي بدران اوپن ميرٽ تي سنڌ جي ڊوميسائل جي بنياد تي انٽري ٽيسٽ ذريعي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي۔اڱاري ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کھڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو۔ اجلاس ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سال 2021ع کان 2023ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ سيڪريٽري سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن معين صديقي، وقتي وائيس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر حارث شعـيب، رجسٽرار ڊاڪٽرعمران صديقي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي۔اجلاس دوران چيئرمين پي اي سي نثار کھڙو يونيورسٽي انتظاميه کان پڇيو ته ڇا ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلائون اوپن ميرٽ تي ٿي رهيون آهن يا اڃا تائين ڪي ايس پي پاليسي تي داخلائون ڏنيون پيون وڃن؟ جنهن تي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر عمران احمد پي اي سي کي ٻڌايو ته 1990ع کان سينڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي منظوري سان يونيورسٽي ۾ داخلائون ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان (ڪي ايس پي ) پاليسي تحت ڏنيون پيون وڃن ۽ هي پاليسي اڃا تائين لاڳو آهي ۽ ڪجهه فيڪلٽيز ۾ داخلائون اوپن ميرٽ تي ڪيون پيون وڃن۔نثار کھڙو چيو ته ڇا يونيورسٽي انتظاميه ڪراچي کي سنڌ کان الڳ تصور ڪري رهي آهي، جو داخلائون ڪي ايس پي پاليسي تحت ڏنيون پيون وڃن؟ اين اي ڊي ۽ ٻيون يونيورسٽيون انٽري ٽيسٽ ذريعي ميرٽ تي داخلائون ڪن ٿيون ته پوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪي ايس پي داخلا پاليسي ڇو لاڳو آهي؟ نثار کھڙو چيو ته جيئن نوڪريون سنڌ جي ڊوميسائل تي ميرٽ تحت ڏنيون وڃن ٿيون، تيئن ڪراچي يونيورسٽي ۾ به داخلائون سنڌ جي ڊوميسائل تي اوپن ميرٽ تي انٽري ٽيسٽ کان پوءِ ٿيڻ گهرجن.  ڪراچي يونيورسٽي ۾ شهيد بينظير ڀٽو چيئر فنڪشنل نه هئڻ تي پي اي سي پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اڱاري ڏينھن پي اي سي اجلاس ۾ چيئرمين پي اي سي نثار کھڙو يونيورسٽي انتظاميه کان پڇيو ته شهيد بينظير ڀٽو چيئر واري منصوبي تي 422 ملين رُپيا خرچ ٿيڻ بعد اهو منصوبو يونيورسٽي انتظاميه حوالي ڪيو ويو هو پوءِ به 13 سال گذرڻ باوجود شهيد بينظير ڀٽو چيئر فنڪشنل ڇو نه ڪئي وئي آهي؟ جنهن تي يونيورسٽي انتظاميه پي اي سي کي ٻڌايو ته شهيد بينظير ڀٽو چيئر کي فنڪشنل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بجيٽ گهربل آهي، جنهن لاءِ پي سي ون منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.