ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب عباسي شهيد اسپتال جي چوڌاري روڊن جي تعمير، بحالي ۽ پيوَر بلاڪس جي تنصيب سميت ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو سنگِ بنياد رکيو ۽ اسپتال جينوزائيد انتهائي نگهداشت يونٽ (NICU) جي نئين سهولت جو افتتاح پڻ ڪيو. هن موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، سٽي ڪائونسل جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، سردار خان، عباسي شهيد اسپتال جي انتظاميه ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي جا وائس چانسلر ۽ رجسٽرار موجود هئا.مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر جي اسپتالن جي چوڌاري بنيادي سهولتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، جڏهن ته روڊن جي تعمير ۽ بحالي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ ٽريفڪ جي رواني ۾ نمايان بهتري ايندي. هن اعلان ڪيو ته ٽراما سينٽر جي مٿي 50 بيڊن تي مشتمل نئين سهولت قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. جماعت اسلامي جي ٽائون چيئرمينن کي مخاطب ڪندي هن چيو ته روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ موجود 14 کان 15 ارب رپين کي اڪائونٽن ۾ رکڻ بدران شهر جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ترقياتي ڪمن ۾ وڌيڪ توازن ۽ تيزي اچي 27هين آئيني ترميم بابت ڳالهائيندي هن چيو ته آئيني سازي اسيمبلي ۽ عوام جي منتخب نمائندن جو ڪم آهي، ڪيترائي ماڻهو حقيقتن جي ابتڙ پروپيگنڊا ڪن ٿاڪراچي ۾ تبديلي صاف نظر اچي رهي آهي.