پراڻ ندي مان نئون سم نالو ڪڍڻ لاءِ سامونڊي پٽي مان ڳوٺاڻا لڏائڻ جي ڪوشش

بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) تاريخي پراڻ ندي جي وهڪري کي ڪٽ ڏئي غيرضروري طور نئون نالو ڪڍڻ بهاني بدين جي ساحلي پٽي ۽ ڪڇ جي رڻ جي پاسي ۾ رهندڙ ماڻهن کي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عالمي بئنڪ کان قرض به منظور ڪرايو ويو آهي. معاملو عدالت پهتل مليل اطلاعن موجب بدين ضلعي جي ساحلي پٽي، تاريخي پراڻ ندي جي ڀرسان رهندڙ ماڻهن کي لڏائڻ ۽ پراڻ جي پراڻي وهڪري ۾ ايندڙ بااثرن جي زمينن کي بچائڻ لاءِ پراڻ ندي کي ڪٽ ڏئي نئون سم نالو ڪڍي ڳوٺن کي ختم ڪري هزارين ماڻهن کي لڏائي دربدر ڪري وري به ان نئين سم نالي کي ڪجهه ڪلوميٽرن بعد پراڻ ندي ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. جنهن لاءِ عالمي بئنڪ کان قرض به منظور ڪرايو ويو آهي. جنهن ڪري ماڻهن ۽ منصوبي سان واڳيل ڪامورن علائقي ۾ ويٺل ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ لاءِ علائقي واسين جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آهي. علائقي واسين عوامي آواز ميڊيا گروپ اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڳوٺ عيسو لنڊ، حنيف لنڊ ۽  اوڙينگ ڳوٺن کي مسمار ڪري ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ورلڊ بينڪ جون ٽيمون به ان مقصد لاءِ اچي رهيون آهن سازش خلاف عبداللطيف، محمد حنيف، وريام، حنيف، مير محمد ۽ ٻين الزام ھنيو ته ايل بي او ڊي سم نالي مان پراڻ ندي جنھن کي وڍڙي موري وٽ غير قانوني ڌڪو لڳائي پاڻي جو وڌيڪ باھو ڏيکاري اسان کي لڏائي ۽ پنھنجن قديمي ڳوٺن مان بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آھن. هنن چيو ته پراڻ ندي ڀرسان قديمي رھندڙ آھيون پر خطرناڪ پروجيڪٽ آڻي اسان کي پنھنجي ڌرتي تان بيدخل ڪيو پيو وڃي ھنن چيو ته شڪيل مغيري نالي شخص جيڪو ھفتي ۾ ٽي دفعا اچي گھرن کي مسمار ڪرڻ جون ڏمڪيون ڏي ٿو. اسان کي بيد خل ڪرڻ جي سازش بند نه ڪئي وئي ته لنڊ برادري جا ھزارين ماڻھو روڊن تي اچي احتجاج ڪندا اگر پوءِ به سازش بند نه ٿي ته ٿر ڪول روڊ تي تاريخي ڌرڻو ھڻي ھاڃيڪار رٿائن کي رد ڪرايو ويندو

  1. ڳوٺاڻا عدالت پهچي ويا،ڌرين کي نوٽيس جاري

بدين (ڊر) ورلڊ بينڪ جي عملدارن بدين ضلعي جي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان ٺيڪيداري سسٽم تحت ماڻھن کي مقرر ڪري ڳوٺن ۾ دھشت ڦھلائي آهي جنهن خلاف فريادي عبداللطيف ۽ موسيٰ لنڊ  جي درخواست تي  سول سوٽ سينئر  سول جج بدين وٽ داخل ڪرايو ويو آھي جنهن جي ٻڌڻي به جلد ٿيڻي آهي سوٽ نمبر  156.2025 ۾ ايريگيشن کاتو، ورلڊ بينڪ جي عملدارن کي ڌر بڻايو ويو آهي جنھن جي ٻڌڻي عدالت ۾ 20.11.2025 رکيل آھي پر عدالتي حڪمن باوجود ورلڊ بينڪ عملدار پنھنجن ماڻھن معرفت علائقي واسين جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي علائقي واسين ۾ ھن وقت سخت خوف آھي. بدين جي عدالت پاران 20.11.2025 تي سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري سنڌ  اريگيشن مئينجگ ڊائريڪٽر سيڊا حيدر آباد، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر لفٽ بينڪ ڊرينج ايل بي او ڊي بدين، ايگزيڪٽو انجنيئر بدين اسسٽنٽ ڪمشنر بدين، مختيارڪار بدين شڪيل مغيري سميت 10 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪندي  عدالت طلب ڪيو ويو آهي.

  1. ڳوٺاڻن کان گذاري جو آخري سهارو زمين کسڻ جي رٿابندي

بدين(ڊر) ورلڊ بينڪ جي رٿائن بدين ضلعي کي مڪمل طور تباھ ڪري تاريخي ماڳن کي به مسمار ڪري رھي آھي ڳوٺاڻن موجب اسان وٽ جيڪا ڪجھه زمين رھي آھي اھا به غلط پلاننگ سان کسي پئي وڃي جنهن سان اسان جي گذاري جو اهو آخري سهارو به کسجي ويندو. علائقن واسين ورلڊ بينڪ جي سمورن رٿائن کي فوري طور ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي

  1. سم نالو ڪڍڻ لاءِ درگاهه به مسمار ڪرڻ جون تياريون

بدين(ڊر) پراڻ ندي ڀرسان غلط طريقي سان ھڪ ٻي خطرناڪ سم نالي جنھن جاءِ تان ڪڍي پئي وڃي ان جاءِ وٽان تاريخي بزرگ عجيج جو مقبرو ۽ درگاھ آهي ان کي  به مسمار ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آھي انھن تاريخي مزارن ۽ ان جي اندر سوين قبرن کي  به مٽائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.