اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي حوالي سان صوبن سان گڏجي رٿابندي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ موسمياتي تبديلي بابت حڪومتي حڪمت عملي تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ سال چوماسي برساتن جي حوالي سان عالمي اندازن ۽ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي.
شهباز شريف چيو ته ايندڙ سال چوماسي برساتن جي نقصانن کان بچڻ لاءِ هاڻ کان ئي تياري ڪئي وڃي، موسمياتي تبديلي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت ۽ اين ڊي ايم اي گڏيل حڪمت عملي جوڙين، صوبائي حڪومتن سان گڏجي منصوبابندي ڪئي وڃي.
هن چيو ته پاڪستان جو موسمياتي تبديلي ۾ ڪردار نه هجڻ برابر آهي پر پاڪستان ۾ ان جا سخت اثر پئجي رهيا آهن.
ايندڙ چوماسي برساتن جي نقصانن کان بچڻ لاءِ هاڻ کان ئي تياري ڪئي وڃي: وزيراعظم
You might also like