ادارن ۾ بدعنواني هوندي آهي، نظام ۾ ويڙهه ئي حرام کائڻ جي آهي: جسٽس محسن اختر ڪياني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ زمين جي ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت روينيو کاتي کي لاڳاپيل دستاويزن جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته سي ڊي اي پنهنجو ڪم نٿي ڪري سگهي ته ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏيو، ادارن ۾ بدعنواني هوندي آهي، ويريفڪيشن جو ته طريقي ڪار هجڻ گهرجي.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته بدقسمتي سان اها نظام ۾ ويڙهه ئي حرام کائڻ جي آهي، سرڪاري آفيسن ۾ ويٺل آفيسر پگهارون به کڻندا آهن ۽ رشوت به وٺندا آهن.
درخواستگذار روسٽرم تي اچي چيو ته مان امانت داري سان نوڪري ڪئي آهي، هاڻ ڪهڙي رشوت ڏيان؟ ٽيون نسل هلي رهيو آهي پر فيصلو نه پيو ٿئي، منهنجو پيءُ ڪيس وڙهندي وڙهندي مري ويو.
عدالت روينيو کاتي کي لاڳاپيل دستاويزن جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.