ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچن جي قيام بابت جاري ڪيل آرڊيننس خلاف بئريسٽر علي طاهر پاران درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته آئيني بينچن جي ريگوليشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو انتظامي معاملو آهي، جنهن ۾ مداخلت غير آئيني عمل آهي. هن چيو ته 27 هين ترميم تحت صوبائي اسيمبلي کي اهڙو اختيار ڏنو ويو، پر آرڊيننس گورنر بدران وقتي گورنر پاران جلدبازي ۾ جاري ڪيو ويو، جيڪو آئيني آرٽيڪل 128 جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ عدالتي آزادي برقرار رکڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.