ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي ڊبل ڊيڪر ۽ نيون اي وي بسون هلائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ سرڪار سنڌ جي عوام جي لاءِ ھڪ ٻي خوشخبري جو اعلان ڪندي  ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي کان ڊبل ڊيڪر بسون ۽ نيون اي وي بسون روڊن تي آڻڻ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪيا ويندا. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او فواد غفار سومرو، يلو لائين بي آر ٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ يلو لائن ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي ترقياتي ڪمن بابت سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي بريفنگ ڏني وئي. هن  چيو ته اميد آھي ته ڊبل ڊيڪر بسون ۽ وڌيڪ اي وي بسون ايندڙ ھفتي ڪراچي پھچي وينديون، ۽ اُنھن جا نوان روٽس به شروع ڪيا پيا وڃن. ھن چيو ته سنڌ سرڪار ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ ھلندڙ مالي سال دوران 500 وڌيڪ بسون خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.