ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته رياست کان ڪوبه شخص يا گروهه وڌيڪ طاقتور نٿو ٿي سگهي، مسنگ پرسن ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ڪي پي جي وڏي وزير پاران صوبي ۾ هٿرادو دهشتگردي ۽ تجربيگاهه بڻائڻ جو بيان وفاقي حڪومت ۽ ادارن لاءِ فڪر جهڙي ڳالهه ٿيڻ گهرجي. ننڍن صوبن سان بي واجبيون ۽ قدرتي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش وفاق ۽ صوبن وچ ۾ موجود ويڇن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجندو. 26،27 ترميم کان پوءِ 28 هين ترميم جون ڳالهيون جمهوريت کي دفن، ڊڪٽيٽرشپ طرف پيش قدمي ۽ صوبن جي حق حاڪميت تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش آهي،