ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي تـ سنڌ اسان جو تاريخي وطن آھي انتظامي يونٽ ناھي،هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جون جون اتحادي نام نھاد سياسي پارٽيون قومن سنڌين بلوچن ۽ پختونن جي مادر وطنن کي انتظامي طور ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ان جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪنـداسين،هن چيو تـ ھن ملڪ ۾ نـ اسلام آ نـ جمھوريت آ نـ عدل نـ انصاف آ ھر طرف قبضي گيري ۽ لٽمار جو نظام مڙھيل آھي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تي گڏيل جدوجھد ڪبي اجلاس ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن مٿان داخل ڪيل ڪيس جي به مذمت ڪئي وئي