فيض حميد کي عمر قيد جي سزا جو چٽو امڪان

اسلام آباد (اعزاز سيد/آصف بشير چوڌري) جيئن ته جنرل فيض حميد خلاف الزام ڳنڀير آهن تنهن جي ڪري ذريعن موجب گهڻو امڪان آهي ته کيس عمر قيد جي سزا ٿيندي. سندس خلاف الزام ثابت ٿي چڪا آهن. هي پهريون ڀيرو هوندو ته جو ڪنهن ليفٽيننٽ جنرل جو ڪورٽ مارشل سميت وڏي سزا ايندي.

  1. فيض حميد کي سزا  بابت سوشل ميڊيا تي افواهه گرم

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) فيض حميد هن وقت سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته کيس سزا ٻڌائي وئي آهي. هڪ واهپيدار لکيو ته فيض حميد کي سخت پورهئي سان عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، سندس سڀئي ڄاڻايل ۽ اڻ ڄاڻايل ملڪيتون ضبط ۽ ڪورٽ مارشل کان پوءِ سڀئي سرڪاري فائدا ۽ پينشن به ختم ڪئي وئي آهي. خاندان جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندس ڀاءُ نجف حميد جي فوري گرفتاري جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو آهي. سندس سڀئي بينڪ اڪائونٽس پڻ هميشه لاءِ منجمد ڪيا ويا آهن.هڪ واهپيدار چيو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد بابت واٽس ايپ ۽ ٻين سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون مڪمل طور تي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ آهن. جنرل فيض حميد جي خلافڪنهن به سزا جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. شاهد ميتلا چيو ته فيض حميد خلاف 3 سالن تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، هاڻي کيس سزا ٿي سگهي ٿي. ماضي ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دراني کي به فوجي عدالت سزا ٻڌائي هئي، سندس پينشن ضبط ڪئي وئي هئي ۽ سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو هو. سوشل ميڊيا جي هڪ پوسٽ موجب، فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ٽرائل مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي ان جو فيصلو 4 هفتن ۾ ڪنهن به وقت ڏئي سگهجي ٿو، کيس سزا ڏني ويندي. هن فيصلي کان پوءِ عمران خان ۽ ملڪ رياض تي دائرو به وڌيڪ سخت ٿيڻ وارو آهي. انهن کي فوجي ٽرائل کي منهن ڏيڻ جو به امڪان آهي، ثاقب نثار جو نالو به شامل آهي. جنرل فيض حميد جي سزا بابت خبرن تي ڪو به سرڪاري جواب نه آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.