ڪراچي(رپورٽر)ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ صوبي ۾ ڊينگي جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 84 نوان مريض داخل ٿيا، جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ 63 نوان مريض رپورٽ ٿيا. هن طريقي سان صوبي ۾ هن وقت علاج هيٺ مريضن جو مجموعي انگ 137 ٿي ويو آهي، ڊينگي سبب هڪ نئين فوتگي جي به تصديق ڪئي وئي آهي۔رپورٽ موجب ڪراچي ڊويزن جي سرڪاري اسپتالن ۾ 44 ۽ حيدرآباد ۾ 25 نوان مريض داخل ٿيا. صوبي جي سرڪاري ۽ نجي ليبارٽرين ۾ ڊينگي جي شُبهي ۾ 4641 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 691 ٽيسٽ مثبت آيا۔ ڪراچي ڊويزن ۾ 352 جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 339 مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا۔