ڪراچي/ٺٽو(پ ر+ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪومت جي سرپرستي ۾ وڪيلن تي حملو حالتن کي خراب ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي سازش آهي، ستاويهين آئيني ترميم خلاف پرامن احتجاج ڪندڙ وڪيلن، سياستدانن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سخت مذمت جوڳو عمل آهي. سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ خودمختياري خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 21کان 23 نومبر لاهور مينار پاڪستان تي رٿيل ” بدلايو نظام اجتماع عام“ جي سلسلي ۾ ٺٽي جي ضلعي عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف احمد ملاح، ضلعي امير ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سمون، عبدالله آدم گندرو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا۔