صوبي جو ورهاڱو ناممڪن آهي،سنڌ ڪيڪ ناهي جو ورهايو وڃي\شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو مشڪل ئي نه ناممڪن به آهي،سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جو ان کي ورهايو وڃي، ايم ڪيو ايم جي وفاقي وزير اڄ بنا ڪنهن تياري جي پريس ڪانفرنس ڪري پيپلز پارٽي تي بي بنياد الزام لڳايا، ايم ڪيو ايم جي سياست ختم ٿي چڪي آهي ۽ ان کي بحال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايم ڪيو  ايم زميني حقيقتون ڏسڻ کان پوءِ مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هئي ته شڪست يقيني آهي.صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبو ٽوڙڻ جون ڳالهيون فضول آهن، 27 هين ترميم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٽوئيٽ سان شروع ٿي، جنهن ۾ آئيني عدالت جي قيام، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ جي بحالي، ججن جي منتقلي، اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي جي تحفظ ، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرري ۾ دير جهڙا نقطا شامل هئا.هن چيو ته انهن مان ڪيترائي نڪتا پيپلز پارٽي ڪڏهن به قبول نه ڪيا، جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ٽوئيٽ ۾ مڪاني ادارن جو ڪو به ذڪر نه هو، ايم ڪيو ايم کي نفرت جي سياست بند ڪرڻ گهرجي ۽ مثبت سياست اختيار ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي صوبن جي حقن جي سڀ کان وڏي ضامن آهي.ايم ڪيو ايم باني جا پيروڪار هن وانگر ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندا،متحده پنهنجي مرده سياست ۾ جان وجهڻ چاهي ٿي ،ايم ڪيو ايم جون ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته شهيد بي بي ۽ نواز شريف جي وچ ۾ دستخط ٿيل ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت جي قيام جو ذڪر آهي ۽ ان حوالي سان پيپلز پارٽي پنهنجا تحفظات واضح ڪيا هئا، جنهن کان پوءِ سي اي سي جو ٻن ڏينهن جو اجلاس پڻ ٿيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عدالتي سرگرمي جو سڀ کان وڏو شڪار رهي آهي. شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ صدر آصف علي زرداري 11 سال بغير سزا جي جيل ۾ گذاريا.  شرجيل انعام ميمڻ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفائن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان جي عدالتي نظام ۾ ثاقب نثار جهڙا دور به ڏٺا ويا جن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جا پوئلڳ رهيا. انهن خلاف بدانتظامي جا ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن ها، اسان عمر عطا بنديال جهڙا جج به ڏٺا جن عدالت ۾ هڪ ملزم کي ڏسي ڪري "توهان کي گڊ ٽو سي يو”. چيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾، هن  چيو ته سنڌ جو  ورهاڱو ناممڪن آهي، دنيا ۾ ڪا به اهڙي طاقت ناهي جيڪا سنڌ کي ورهائي سگهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وڏي وزير ڪالهه شهر جو دورو ڪيو ۽ سمورا منصوبا تيزي سان مڪمل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾، خاص طور تي ڪراچي ۾ اهم بهتري اچي رهي آهي، صفائي جو ڪم بهتر ٿيو آهي ۽ سمورن شهرن ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت پوري ڪراچي کي جديد شهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.