ڪراچي (رپورٽر: ذوالفقار راڄپر) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي سرڪلر ريلوي جي جلد بحالي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي شهر جي اهم ضرورت آهي ۽ هن هر مقام تي ان موضوع تي ڳالهايو آهي.ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جي اپ گريڊنگ جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تهران کان استنبول تائين روٽ جي بحالي سان پاڪستان ريلوي کي نئين حياتي ملندي ۽ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ان کان سواءِ هن چيو ته شاليمار ايڪسپريس کي مڪمل طور تي نئين ٽرين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان ريلوي پاران ڪراچي ڪينٽ اسٽيشڻ کي مهارت سان بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ريلوي ڊپارٽمينٽ شاليمار ايڪسپريس کي آؤٽ سورسنگ ذريعي نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ۽ ان جي صفائي جي ذميواري ڪراچي ويسٽ مينيجمينٽ تي آهي. شهباز شريف چيو ته ٿر ڪول جي ٽرانسپورٽ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي، ڇو ته هتي جو ريلوي نظام تمام گهڻو پراڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حنيف عباسي۽ ان جي ٽيم گڏجي انهي بوسيده نظام کي جديد بنايو آهي. وزيراعظم شهباز شريف حنيف عباسي ۽ ان جي ٽيم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي.