ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ انسانيت خلاف ڏوهن جي عالمي عدالت 78 سالن جي اڳوڻي وزيراعظم حسينا واجد کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏ، اڳوڻي گهرو وزير اسد الزمان خان ڪمال کي به انسانيت خلاف ڏوهن تي موت جي سزا ٻڌائي وئي. ڍاڪا ۾ عدالت شيخ حسينا جي غيرموجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو، سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. عدالت انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي الزامن تي عمر قيد ۽ بغاوت دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل جي الزام ۾ کيس موت جي سزا ٻڌائي. فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو. عدالت فيصلي ۾ چيو ته الزام نمبر هڪ موجب، وزيراعظم شيخ حسينا ماڻهن کي ڀڙڪائيندڙ حڪم ڏنا ۽ ضروري اپاءَ نه وٺندي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي. الزام نمبر 2 موجب، شيخ حسينا ڊرون، هيلي ڪاپٽر ۽ خطرناڪ هٿيار استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي انسانيت خلاف ٻيو ڏوهه ڪيو. جج غلام مرتضيٰ ماجد مجمدار فيصلو ٻڌايو ته حسينا واجد 3 الزامن ۾ جوابدار آهي جن ۾ ڀڙڪائڻ، قتل جو حڪم ڏيڻ ۽ ظلمن کي روڪڻ ۾ غفلت شامل آهن، کيس رڳو هڪ ئي سزا ڏني ويندي، اها آهي موت جي سزا. فيصلي جي موقعي تي عدالت جي چوڌاري سڪيورٽي فورسز موجود هيون ۽ بڪتربند گاڏين ذريعي چيڪ پوائنٽس مضبوط ڪيون ويون.