اسلام آباد (منيب فاروق) سهيل وڙائچ جي مضمون موجب، جيڪو نظام هلي رهيو آهي، ان ۾ طاقتور، وڌيڪ طاقتور بڻجي ويو آهي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو. گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ته ايندڙ ڏينهن ۾ گهڻا ماڻهو فارغ ٿي ويندا. هاڻي دنيا به لکي رهي آهي ته پاڪستان ۾ طاقت جو لاڙو ڪنهن پاسي آهي. سهيل ورائچ ن ليگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته کين ايندڙ تبديلين جا اشارا ملڻ شروع ٿي ويا آهن ته هاڻي پراڻو نظام ترقي ۾ رنڊڪ آهي. مضمون ۾ اشارو ملي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پاران چين ۽ سعودي عرب جهڙي ترقياتي ماڊل تي غور ڪيو پيو وڃي. ترقي ۾ جمهوريت رنڊڪ بڻجندي ته ان رنڊڪ کي ختم ڪيو ويندو، عدليا ۾ سڌارا ڪيا ويندا، سياسي پارٽيون ۽ پارليامينٽ رنڊڪ هوندي ته مداخلت ڪري سڌاريو ويندو. ٻئي پاسي 26هين، 27هين ۽ هاڻي 28هين ترميم ٿيڻ واري آهي. گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ته کوڙ ماڻهو نظام مان نڪري ويندا ۽ پارٽيون فارغ ٿي وينديون. خطرناڪ اهو آهي ته هن وٽ ن ليگ وٽ اڪثريت ناهي پر ايندڙ چونڊن ۾ ملي سگهي ٿي. ن ليگ کي اڪثريت ملي وئي ته پوءِ پيپلزپارٽي وٽ بهانو ئي نه رهندو، هو چوندا ته ن ليگ وٽ اڪثريت آهي، اهي ترميمون پيا ڪن، اسان احتجاج پيا ڪريون. سهيل ورائچ کي خدشو آهي ته ڇا ملڪ صدارتي نظام ڏانهن ته نه پيو وڃي؟ ڇو ته جيڪي تبديليون ٿيون آهن اهي هاڻوڪي حڪومتي نظام جي حق ۾ آهن. ان لاءِ ماڻهو سمجهن ٿا ته صدارتي نظام اچي سگهي ٿو ۽ جمهوريت جو حصو گهٽجي سگهي ٿو. اسٽيبلشمينٽ طاقتور کان طاقتور ترين ٿيندي پئي وڃي. سهيل وڙائچ موجب سياسي پارٽيون محدود ٿي رهيون آهن پر اسٽيبلشمينٽ طرفان اهڙا اشارا نظر نٿا اچن ته هو قابض ٿيڻ چاهين ٿا ۽ سياسي پارٽين کي ڪلين سوئيپ ڪندا. ڪجهه ماڻهن جي اها خواهش ٿي سگهي ٿي پر في الحال منصوبو نظر نٿو اچي. بي بي سي موجب طاقت جو پاسو فوج جي حق ۾ آهي، سول ۽ فوج وچ ۾ طاقت جو فرق حد کان وڌي ويو آهي. عمران خان جا مسئلا به حل ٿيندي نظر نٿا اچن.