علي پور: نجي اسڪول جي مالڪ پاران ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين سان زيادتي

لاهور(بيورو)پنجاب جي ضلعي علي پور ۾ هڪ نجي اسڪول جي مالڪ جو مڪروه چهره بي نقاب ٿي ويو آهي، جتي هو مبينا طور تي ڊگهي عرصي تائين عورت استادن ۽ شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو.پوليس موجب هڪ متاثرہ عورت جي گهر وارن جي درخواست تي سٽي  ٿاڻو علي پور ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم نه صرف عورتن ۽ نوجوان ڇوڪريُن سان زيادتي ڪندو رهيو پر انهن جون نازيبا وڊيوز به بڻائي بليڪ ميلنگ لاءِ استعمال ڪندو رهيو.مظفرگڙهه پوليس جو چوڻ آهي ته نجي اسڪول جي سربراهه هدايت رضوي وڊيوز کي وائرل پڻ ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ معاملو منظرعام تي اچي ويو. پوليس ترجمان موجب انهن وڊيوز ذريعي ٻين متاثر عورتن ۽ شاگردياڻين سان به رابطو ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ته جيئن وڌيڪ تفصيل سامهون اچي سگهن.ايف آءِ آر ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ملزم صرف پاڻ جنسي استحصال نه ڪندو رهيو، پر بليڪ ميل ڪري عورتن کي پنهنجي دوستن آڏو پيش ڪرڻ جا به الزام آهن.پوليس موجب ظاهر ٿيندڙ وڊيوز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 عورتون جنسي استحصال جو شڪار بڻيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.