عورتن کي حصي کان محروم ڪرڻ آئين ۽ اسلامي تعليم خلاف آهي\سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عورتن جي حق وراثت بابت ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وراثت جو حق خدائي حڪم آهي، ۽ عورتن کي وراثت مان محروم ڪرڻ آئين ۽ اسلام جي صاف تعليم خلاف آهي. جائيداد جي ملڪيت مالڪ جي وفات کان پوءِ فوري طور تي وارثن کي منتقل ٿي وڃي ٿي. جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عرفان سعادت تي مشتمل بينچ جو تحرير ٿيل فيصلو جاري ڪيو ويو آهي. 7 صفحن تي مشتمل فيصلي کي جسٽس اطهر من الله پنهنجي استعفي کان اڳ لکيو هو.  عدالت وارثن کي دير سان حق وراثت ڏيڻ تي درخواست گذار عابد حسين تي 5 لک رپيا ڏنڊ عائد ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ عابد حسين جي اپيل خارج ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڏنڊ 7 ڏينهن اندر رجسٽرار سپريم ڪورٽ وٽ جمع ڪرايو وڃي، ۽ ڏنڊ جي رقم وارثن ۾ ورهائي وڃي. عابد حسين جي ملڪيت تحفي طور تي ڏيڻ جي دعويٰ ثابت نه ٿي سگھي. عدالت جو چوڻ آهي ته رياست جي ذميواري آهي ته عورتن کي ڪنهن به دير، خوف يا ڊگهي عدالتي ڪارروائي کان سواءِ وراثت جو حق ڏنو وڃي، ۽ وراثت مان محروم ڪندڙن کي قانون تحت جوابده قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.