”جڏهن آءٌ رات جو بستري تي ليٽيل هوندو آهيان يا اڪيلو پنڌُ ڪري رهيو هوندو آهيان ته هر جاءِ تان مونکي اُهو آواز ٻُرندو آهي ۽ منهنجي دل خوشيءَ مان جُهومي پوندي آهي ۽ مونسان گڏ زمين پڻ ـــ !! مونکي خبر آهي ــــ ظلم ۽ ڏک ۾ ٿڪيلُ اهو آواز، ڪنهن گهنٽيءَ وانگر وڄندي، اِن سَڏَ جو جواب ڏيندو آهي ۽ نرميءَ سان ڪنبدو آهي… اهو آواز انسان جي سيني منجهان اڀرندڙ نئين سج کي ڀليڪار چوندو آهي.“
مئڪسم گورڪيءَ پنهنجي شاهڪار روسي ناول ”دِي مڌر“ (ماءُ) جي ان مٿي درج ٿيل حصي ۾ اهو جنهن آواز جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ٽڪرو پڙهندي مونکي سدائين اهو ئي ڪومل آواز ڪنن ۾ ٻُرندو آهي، جنهنجي ترنم جي ڪنن ۾ پوڻ سان ننڍپڻ ۾ ننڊَ ــ پري پنهنجي ڀاڪرَ ۾ ڀِڪُوڙي ڇڏيندي هئي ۽ جنهن لوليءَ جي سُرن جي لاهن چاڙهن سان منھنجي سڄي ڏينھن جي ڀَڄ ڀَڄان جا ٿڪَ لهي ويندا هئا ۽ مان منٽ ۾ ’ننڊ ــ نگر‘ پهچي ويندو هئس. جنهنجي هٿن جو ڪومل ڇهاءُ جڏهن منھنجي پيٽَ ۽ پُٺيءَ تي ٿڌڙا ڪڍي ننڊ ڪرائيندو هو، ته اهو سڪون جو ايڏو املهه لمحو هوندو هو، جيڪو ڪيڏي به وڏي بَها ڏيڻ سان زندگيءَ ۾ وري ڪڏهن به واپس نٿو ورِي سگهي!
ٽي ڏينهن اڳ 14 نومبر جو جيڪو ڏينهن گذريو، سو گذريل سال ان آواز جي، منھنجي سماعتن کان هميشه لاءِ وڇڙي وڃڻ جو ڏينهن هو… منھنجي امڙ جي وِڇوڙي جو ڏينھن هو. ان نقصان جو ڪاٿو اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جي سِرَ تان اهو ڇپرُ، اها ڇانوَ کسي هجي! جنهن جي سِرَ تي اها ڇانوَ قائم آهي، ڌڻي ڪري اها تادير مٿس قائم رهي! اسانجي پرائمريءَ جو هڪ استاد چوندو هو: ”جنهن جو پيءُ مري وڃي، اهو اڌ ڇورو… جنهنجي ماءُ مري وڃي، اهو سڄو ڇورو…“ ان وصف جي لحاظ کان اسين ڀيڻ ڀائـرَ هڪ ڏهاڪو اڳ 2015ع ۾ ’اڌ ڇورا‘ ٿياهياسين ۽ پوئين سال 14 نومبر تي ’سڄا ڇورا‘ ٿي وياسين.
امڙ جي ڦوڙائي پُڄاڻان، گورڪيءَ جي ان ناول کان وٺي اقبال جي نظم ”والده مرحومه ڪي ياد ۾“ تائين ماءُ جي محبّت ۾ دنيا جي هر ليکڪ جو لکيل لفظ لفظ هانءَ ۾ وڍَ وجهي ٿو. اِها اُها ئي ته هستي آهي، جنهن جي نالي جي نسبت نه رڳو مان سُڃاتو ويس، پر منهنجو نالو به سندس نالي جو نعم البدل بڻجي ويو، ڇاڪاڻ ته وڏوَر پُٽَ هجڻ ڪري، منھنجي جنم کانپوءِ مِٽَن مائٽَن ۾ سندس سُڃاڻپَ ’ياسر ماءُ‘ بڻجي وئي. گهڻا ته کيس شايد سندس اصل نالي سان به نه سُڃاڻندا هجن، پر سڀ مِٽَ مائٽَ منھنجي ڄمڻ کانپوءِ کيس ان ئي نالي سان سُڃاڻندا هئا.
ننڍپڻ ۾ جڏهن مونکي موسمي بخار ٿيندو هو ۽ رات جو ننڊ نه ايندي هئي ته بعضي مونکي نيم غنودگيءَ واري ڪيفيت (اڌ ننڊ اڌ جاڳ ۾) اسانجو ڪمرو معمول کان وڏو ڀاسندو هو ۽ ان جي ڇت کان ٿورو هيٺ لڳل نيري رنگ جو ’زِيرو بلب‘ ايڏو پري لڳندو هو، ڄڻڪه اهو آسمان ۾ ٽنگيل هجي. هيءَ اها ئي هستي هئي، جيڪا اهڙين عجيب ڪيفيت وارين راتين ۾، پنهنجي ننڊ ۽ آرامَ جي اوني ڪئي بنا، رات جو ڳچ حصو مونکي پنهنجي گوڏي تي سمھاري ٿڦڪيون ڏيندي رهندي هئي ته جيئن منهنجي رات پُرسڪون گذري. اها ته منهنجي سانڀر کانپوءِ وارين راتين جي ڳالهه آهي. اهڙيون نه ڄاڻ ڪيتريون سوين راتيون هن منهنجي يادگيريءَ کان اڳ واري زماني ۾ منهنجي ڄمڻ کان وڏي ٿيڻ تائين اکين ۾ ڪاٽيون هونديون ۽ جاڳي باک ڦُٽائي هوندي. جنھنجي هٿن ۽ چپن جو لمس مون منجهه انهن راتين ۾ سڪونَ جا سمنڊَ اوتيندو رهيو هوندو
اِها اُها ئي ھستي آهي،جيڪا اهڙي موسمي بخار جي ٻن ٽن ڏينهن جي تڪليف کانپوءِ منهنجي چاق ٿيڻ تي جڏهن مونکي وهنجاريندي (’مٿي پاڻي‘ وجهندي) هئي، ته ان کانپوءِ نوان لٽا پارائي، ’چانورن جي لائِي‘ يا ’بوڻينڊا‘ گهرائي منھنجي آڏو ڪنهن وڏي ٿانوَ ۾ انهن جو ڍِڳُ رکي، مونکي پنھنجن هٿن سان اهي پاڙي جي ٻارن ۾ خدا واسطي (صدقي طور) ورهائڻ لاءِ چوندي هئي ۽ پاڻ وٽ قرآن پاڪ پڙهندڙ ڪنهن ٻارڙي کي جڏهن پاڙي جي ٻين ٻارن ۾ اهو هوڪو ڏيڻ موڪليندي هئي ته ’سائين قاضيءَ جي گهر شئي ٿي ورهائجي!‘ ته کن پل ۾ سڄي پاڙي جا ڪي پيرين اگهاڙا، ڪي انگ اگهاڙا، ميرا سيرا ٻارَ هڪ ئي وقت اسانجي گهر اچي پهچندا هئا ۽ پوءِ مان يا مون وانگر منھنجا ڀيڻ ڀائرَ انهن ۾ صدقي طور اها ’شئي‘ ورهائيندا هئاسين.
اسانجي ننڍپڻ ۾ جمعي جي هفتيوار عام موڪل هوندي هئي. ڪڏهن جمعي جي موڪل گذري وڃڻ کانپوءِ شام جو ياد پوي ته سڀاڻي فلاڻي سبجيڪٽ جي ڪاپي چيڪ ٿيندي، جيڪا مون ٺاهي ئي ناهي. اها ڪاپي مونکي ڪالھه ئي خريد ڪرڻي هئي، پر مون ابُوءَ کي چيو ئي ڪونه ته مون لاءِ اهو نوٽ بُڪ وٺي اچي ۽ ’وِيڪ اينڊ‘ جي مزي ۾، راند رُوند ۾ اهو ته بنھه وسري ئي ويو هو ته ڇنڇر تي اها ڪاپي چيڪ به ٿيندي. هاڻي ته جمعي جو سج به لھي چڪو آهي ۽ جمعي تي ته بازار به بند هوندي آهي. هاڻي ڪٿان ايندي اها ڪاپي!؟ ۽ ڪٿان ان تي ’ليسن‘ لکي سگهندس!
اهڙي ڳنڀير صورتحال امڙ کانسواءِ ٻيو ڪنھن سان سَلي سگهڻ ممڪن هوندي هئي! پوءِ اوچتو هوءَ ڪنهن مسيحا يا رحمت جي فرشتي جو رُوپ لڳندي هئي، جڏهن الماريءَ (سيف) مان هڪٻئي مٿان سِڌَن رکيل استري ٿيل ڪپڙن جي ٿَھي هيٺان پنھنجو هٿ وجهي، ڪاپين جي ان ’ميڙي چُونڊيءَ‘ منجهان هڪ ڪاپي ڪڍي هٿ ۾ ڏيندي هئي، جيڪي تن ڏينھن ۾ هڪ شربت ڪمپنيءَ پاران شربت جي شيشي سان گڏ سوکڙيءَ طور ملنديون هُيون ۽ امڙ اسان تي ايندڙ ڪنهن اهڙي ’بُري وقت‘ لاءِ اهي سنڀالي رکندي هئي.
اسانجو هاڻوڪو ڪراچيءَ وارو گهر، جنهن ۾ پوئين سال امڙ آخري ساهَه کنيا، ان جي عمارت جي ڀرسان واري عمارت ۾ درزڪو ’ڀانڊو‘ (ڪارخانو) آهي، جنهن جي پهرين منزل (فلور) تي برقعن جا ڪاريگرَ ’عبايه‘ سبندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪم ڪرڻ دؤران وڏي آواز ۾ گيتَ وڄائيندا آهن. انهن وٽ ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پراڻا پاڪستاني گيت وڄندا آهن… ڪڏهن ڪو پهرُ پراڻا بالي وُڊ (هندي) فلمي نغما… ته ڪڏهن 1990ع جي ڏهاڪي جِي ’ڪليڪشن‘… گهر جي بالڪل ڀرسان هجڻ سبب اهي گيتَ گهر جي لائونج ۽ اميءَ جي ڪمري ۾ واضح طور ٻُڌڻ ۾ ايندا هئا. جڏهن به ان ڪارخاني ۾ پراڻن گيتن جِي ’ڪليڪشن‘ وڄندي هئي ته امڙ ان کي وڏي چاهه سان ٻڌندي هئي ۽ لتا منگيشڪر جو گيت ’پنک هوتي تو اُڙ آتي ري… رسيا! او ظالما…‘ ٻُڌي چوندي هئي ته: ”اهو گيت ٻڌي مونکي ڪوئيٽه ياد ايندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو گيت مون پهريون ڀيرو ڪوئيٽه ۾ ٻڌو هو، جڏهن اوهانجي ماما (سندس ڀاءُ) جِي پوسٽنگ اُتي هئي ۽ اهو اسانکي اوڏنهن گهمائڻ وٺي ويو هو.“
رڳو اهو ئي گيت نه، پر لتا سان گڏ مهدي حسن ۽ نورجهان جا ٻيا گيت ٻُڌي به خوش پئي ٿيندي هئي. ڪنهن ڏينهن جيڪڏهن معمول واري ٽائيم تي انهن ڪارخاني وارن گيت وڄائڻ شروع نه ڪيا هجن ته پنهنجي خدمت تي مامور مائيءَ کان پڇندي هئي: ”هي ڀلا ڪارخاني وارا اڃا ناهن آيا ڇا!؟ جو چُپ لڳي پئي آ!؟“
14 نومبر تي جنهن صبح هُوءَ وڇڙِي، ان ڏينهن منجهند ڌاري، اسان آخري سفر جي سنبت ۾ سامان سهيڙي رهيا هئاسين ته مان ٿڪَ ۽ غم جي شدت مان اچي گهر جي لائونج ۾ رکيل ڊائننگ ٽيبل جي مُک ڪرسيءَ تي جهٽَ لاءِ ويٺس. (جيڪا اميءَ جي ويهڻ لاءِ مخصوص هئي!) بي خياليءَ ۾ پنهنجيون ٺُونٺيون ٽيبل تي رکي، پنهنجي هڪ هٿ کي ٻئي هٿ جي مُٺِ ۾ لڪائي، ان تي پنهنجي پيشاني رکي اکيون ٻُوٽيم ته اوچتو محسوس ڪيم ته گهر جي ڀر واري اُن ڪارخاني ۾ رُوپ ڪمار راٺوڙ جي هيءَ قوالي وڄي رهي هئي:
”رُوٺ ڪر هم اُنهين ڀُول جاني لگي…
وه همين اور ڀي ياد آني لگي…
هم ني دل سي ڪهين اپني مجبُوريان،
دل ڪو ليڪن يه ساري بهاني لگي…“
ان گيت جي لفظ لفظَ ڄڻ سندس ئي ڳالھه ته ڪئي ٿي! ۽ ان کانپوءِ اڄ تائين مان اهو گيت ناهيان ٻُڌي سگهندو!
اڳي مونکي ’سامونڊي‘ ۽ ’سريراڳ‘ پڙهندي وڻجاريُن (وڻجارَن جي وَنيُن) جو سُور سُجهندو هو. پر هاڻي انهن وڻجارين پاران پنهنجي مائرن کي درد مان ڪيل سڏُ منھنجو جيءُ جهوريندو آهي… جو اهو مونکي پنهنجو سڏُ لڳندو آهي ۽ مان هن جديد دؤر ۾ ڪيڏي به جديد انداز ۾ سمنڊ جو سفر ڪندو هجان، سمنڊَ جون لهرُون مونسان سامونڊيڪو سُور سَلينديون آهن ۽ مان نه چاهندي به اداس ٿي ويندو آهيان.
مالديپ ۾ مالي جو ساحل… ’ٽرٽِل بيچ‘ تي هڪ بحري جهاز تي ’ڪارپوريٽ ڪرُوز ڊنر‘… سومهڻيءَ جو پهر… ’نيٽورڪنگ‘ … هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن سان گفتگوءَ ۾ مگن… جَٿا، جٿن سان ’آفيشل‘ ڪچهريءَ ۾ مصروف… ۽ ڪوئي اُتي هوندي به اُتي نه… انھن روشنين کان پرڀَرو… ڊائنگ ايريا جي پاسي ۾ جهاز جي ’پرومينڊ ڊيڪ‘ جِي ’ريلنگ‘ پڪڙي ڏُور هندي سمنڊ (دراصل ’سنڌي سمنڊَ‘ يا ’سنڌُو ساگر‘) جي ڪاريُن، طلاطم خيز ڇولين ۾ نِھاري، وڻجاريءَ جي ماءُ کي ياد ڪندي… دراصل پنھنجِيءَ ڄڻڻهار ۽ پالڻهار کي ساريندي… ڄڻ انهن لھرن ۾ پنھنجو هانءٌ ٻُڏندي ڀائيندي…
سندس اکين ۾ سندس ممتا جي سارَ ۽ اُنسَ جو اڻ کُٽ آگم…
۽ ڪنن ۾ هن وائيءَ جا ورلاپَ:
”آيل! مُون وٽ آءُ… منهنجي ماءُ !
توسان ڳرهيان ڳالهڙيُون…“