شيخ حسينه کي موت جي سزا ـ بنگلاديش لاءِ هن قدم جو مطلب ڇا آهي؟

بنگلاديش جي عدالت، گذريل سال شاگردن جي احتجاجن خلاف سرڪاري ڪريڪ ڊائون بابت قائم ڪيل مقدمي ۾، اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه کي ’انسانيت خلاف ڏوهن‘ جي مرتڪب قرار ڏيندي ٻڌائي آهي۔ اقتدار کان هٽجڻ کان پوءِ شيخ حسينه هندستان ۾ موجود آهن ۽ فيصلو پڻ سندن غير حاضريءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي۔ شيخ حسينه تي الزام هو ته گذريل سال شاگردن جي وڏي احتجاج دوران  ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو سڌو حڪم ڏنو هو، جنهن بابت گڏيل قومن جي جائزي مطابق لڳ ڀڳ 1400 ماڻهو مارجي ويا هئا۔ شيخ حسينه هن فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو متعصباڻي سياسي ۽ بدنيتيءَ تي ٻڌل فيصلو آهي۔

انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته شيخ حسينه، اڳوڻي گهرو وزير اسدالزمان خان ڪمال ۽ اڳوڻي آءِ جي پوليس عبدالله المامون تي انسانيت خلاف ڏوهن جا الزام ثابت ٿي چڪا آهن۔ ٽربيونل موجب شيخ حسينه ڊرون، هيليڪاپٽر ۽ جان ليوا هٿيار استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ٻين ٻن اڳوڻن عملدارن انهن حڪمن تي عملدرآمد ڪرايو۔ فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدارن اهڙا سنگين ڏوهه ڪيا آهن، جن لاءِ وڌ کان وڌ سزا مناسب آهي۔ فيصلي کان اڳ دارالحڪومت ڍاڪا ۾ سوين ماڻهو احتجاج لاءِ گڏ ٿيا جڏهن ته شهر ۾ سخت سيڪيورٽي لڳائي وئي۔ پراسڪيوٽرن عدالت کان شيخ حسينه کي موت جي سزا ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي، جڏهن ته شيخ حسينه سڀني الزامن کان مڪمل انڪار ڪيو۔ فيصلو ٻڌائڻ وقت ٽن مان صرف هڪ ملزم عدالت ۾ موجود هو ـ اڳوڻو آءِ جي پوليس چودھري عبدالله المامون، جنهن ڏوهه مڃي سلطاني گواهه بڻجي ويو هو۔ شيخ حسينه اقتدار وڃائڻ کان پوءِ هندستان ۾ رهائش اختيار ڪئي، ۽ اڳوڻو گهرو وزير ڪمال به روپوش رهيو۔ ٽربيونل جي ٽن رڪني بينچ جي سربراهي جسٽس غلام  مرتضيٰ ٰ مجمدار ڪري رهيا هئا۔ عدالت چيو ته شيخ حسينه خلاف ٽي اهم الزام ثابت ٿيا آهن؛ هڪ الزام تي عمر قيد ۽ ٻن تي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔ پراسڪيوشن گذريل سال جي بغاوت جو حوالو ڏيندي بار بار ٿاڻي ته شيخ حسينه ’ماسٽر مائنڊ‘، منصوبه ساز ۽ سڀ کان مٿاهون حڪم ڏيندڙ هئي۔

هي ٽربيونل پهريون ڀيرو عوامي ليگ جي حڪومت دوران 1971ع واري ڏوهن جي ٻڌڻي لاءِ ٺهيو هو، پر هاڻي 5 آگسٽ 2024ع کان پوءِ عبوري حڪومت نئون ٽربيونل قائم ڪيو جنهن شيخ حسينه خلاف نئين سر ڪيس هلايا۔  نئون ٽرائل 17 آڪٽوبر تي شروع ٿيو ۽ ساڳئي ڏينهن شيخ حسينه لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيو۔ ابتدا ۾ فقط شيخ حسينه ملزم هئي، پر مارچ 2025ع ۾ اڳوڻن ٻن عملدارن کي به ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو۔ پراسڪيوٽر تاج الاسلام ٻڌايو ته انسانيت خلاف ڏوهه 6 جنوري 2009 کان 5 آگسٽ 2024 تائين رونما ٿيا۔ پنج اهم الزامن ۾ شامل هئا: اشتعال انگيز تقريرون ڪرڻ،  هيليڪاپٽر، ڊرون ۽ جان ليوا هٿيار استعمال ڪرڻ جا حڪم،  رانگ پور يونيورسٽي جي شاگرد ابو سعيد جي قتل ۾ ڇيڙڇاڙ ۽ سازش، 5 آگسٽ تي چنکھر پول ۾ ڇهن ماڻهن جي پوليس هٿان مبينا قت ، اشُوليه ۾ هڪ زندھ سميت ڇهن ماڻهن کي ساڙڻ جو واقعو. ٽربيونل ۾ 54 شاهدن بيان ڏنو، جن ۾ زخمي، ڊاڪٽر، ۽ احتجاج جي شرڪت ڪندڙ شامل هئا۔ شيخ حسينه جا آڊيو، وڊيو، رپورٽون ۽ گوليون به ثبوت طور پيش ڪيا ويا۔

12 آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌا ويا۔ پراسڪيوشن شيخ حسينه ۽ اسدالزمان کي موت جي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو۔ شيخ حسينه فيصلي کي سياسي انتقام قرار ڏيندي چيو ته عبوري حڪومت عوامي ليگ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن سزا کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي۔ هن اڳ به هن ڪيس کي ’’ڀونڊي مزاح‘‘ قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته هو ڪنهن به شفاف ٽربيونل آڏو پيش ٿيڻ کان نه ٿو ڊڄي۔ شيخ حسينه چيو هو ته جيڪڏهن الزام سچ آهن ته عبوري حڪومت کين هيگ جي عالمي فوجداري عدالت ۾ وٺي وڃي۔

گڏيل قومن موجب گذريل سال احتجاجن ۾ 1400 ماڻهو ماريا ويا، جن جي موتن جي ماسٽر مائنڊ هئڻ جو الزام شيخ حسينه تي آهي۔ عوامي ليگ هن الزام کي رد ڪري ٿي۔ بي بي سي جي تصديق موجب هن سال هڪ آڊيو ليڪ ٿيو جنهن ۾ شيخ حسينه کي حڪومتي اهلڪار کي چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته ”جتي ڏسو، اتي گولي هڻي ڇڏيو“۔ شيخ حسينه جو چوڻ آهي ته ڪيس سياسي طور تي اڳواٽ ئي طئي ٿيل آهي۔ هندستان جي حڪومت جو چوڻ  آهي ته هو بنگلاديش ۾ شفاف چونڊن جي حمايت ڪري ٿو، ۽ بعد ۾ جيڪا به جمهوريت اچي، ان سان ڪم ڪندو۔ ٻنهي ملڪن ۾ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدوس هي، پر شيخ حسينه جو معاملو رڳو عدالتي نه پر سفارتي تڪرار به بڻجي ويو آهي۔ قانوني ماهرن مطابق هندستان پنهنجي حوالگي کي روڪي سگهي ٿو جيڪڏهن ثابت ٿئي ته فيصلو سياسي بنيادن تي آهي۔

بنگلاديش فروري 2026ع ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي۔ مبصرن مطابق شيخ حسينه جي سزا بنگلاديش جي سياست، معيشيت، ۽ هندستان سان لاڳاپن لاءِ وڏو امتحان ثابت ٿيندي۔ عوامي ليگ جي مستقبل بابت پڻ سوال پيدا ٿيا آهن، ڇو ته جماعت اڳ ۾ ئي پابندين کي “سياسي انتقام” قرار ڏئي رهي آهي۔ شيخ حسينه جي پٽ سجيب واجد چيو هو ته جيڪڏهن جماعت تان پابندي ختم نه ٿي ته عوامي ليگ چونڊن کي روڪيندي۔ مبصرن موجب بنگلاديش جي معيشيت گارمينٽس انڊسٽري تي ڀاڙيل آهي، جيڪا سياسي بي چيني ۽ تشدد گهٽائڻ کان سواءِ مستحڪم نه ٿي سگهي۔ شيخ حسينه جي حوالگي، عوامي ليگ جو مستقبل ۽ بنگلاديش جو ايندڙ سياسي ورثو ـ سڀ ڪجهه هاڻي هن فيصلي کان متاثر ٿيندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.