روزگار لاءِ واجهائيندڙ آءِ بي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار !

تحرير: قاسم خاصخيلي

 سنڌ حڪومت پاران 2021 ڌاري آئي بي ٽيسٽ جي ذريعي پي ايس ٽي يعني پرائمري استادن جي ڀرتي جي اعلان بيروزگار نوجوانن جي اميدن کي سهارو ڏنو هو، جنهن کان  پوءِ ٽيسٽ به ٿي جنهن کان  پوءِ وري مختلف مارڪون کڻڻ واري تڪرار به اهي ڀرتيون اڌوريون بنائي ڇڏيون، سٺ سيڪڙو کان  پوءِ پنجونجاھ پنجاھ يا چاليهھ سيڪڙو مارڪون کڻڻ وارن کي ڀرتي ڪرڻ جو به ٻڌو ويو وري هارڊ ايريا واري فارمولي تحت  ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي سميت ٻين ضلعن جي  ڪجهه چونڊ پٺتي پيل علائقن وارن لاءِ 33 سيڪڙو مارڪن تي استاد ڀرتي ڪرڻ جو به چيو ويو جڏهن ته اتي به  ڪجهه هارڊ ايريا وارن کي وڌيڪ رعايت ڏئي 32 مارڪون کڻڻ وارن کي هڪ گريس مارڪ ڏئي 33 مارڪون پوريون ڪري شايد کين آفر آرڊر جاري ڪيا ويا، يا انهن کي پوسٽنگ آرڊر به ڏنا ويا، پر ان جي ابتڙ باقي سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻي پاس ٿيندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر نه مليا جنهن تي آئي بي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن مختلف وقتن ۾ احتجاج ڪيا بک هڙتالون به ڪيون ان سلسلي 2023 ڌاري معاملو سنڌ ڪابينا ۾ رکڻ جو پڻ چيو ويو جنهن سان سنڌ جي آئي بي پاس انهن اميدوارن ۾ هڪ قسم جي سرهائي سان گڏ اميد به پئدا ٿي پر ان تي به شايد ڪن سببن جي ڪري عمل نه ٿي سگهيو نتيجي م انهن مسڪينن کي وري مايوس ٿيڻو پيو، اميدوارن جو مسلسل اهو مطالبو رهندو آيو آهي ته هڪ سنڌ ۾ هڪ ئي قانون هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪن علائقن ۾ 33 مارڪن وارن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن ته  پوءِ ان پاليسي تحت سڄي سنڌ جي اميدوارن سان ٻه اکيائي ڇڏي هڪ اک ڪري سڀني کي برابر جي بنيادن تي روزگار ڏنو وڃي، جڏهن ته متعارف ڪرايل سافٽ ايريا ۽ هارڊ ايريا واري طريقي سبب ڪافي اميدوار مايوس بنجي ويا آهن جيڪي وقت بوقت احتجاجن سان گڏ نوڪريون ڏيڻ جي گهر ڪندا رهن ٿا.

 سنڌ حڪومت هڪ وک اڳتي وڌائيندي بهترين ڪم ڪري گذريل جون مهيني ۾ ڪافي اميدوار جيڪي چاليھن کان مٿي وارا هئا انهن کي به آرڊر ڏنا ويا، بيروزگاري گهٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار جو اهو عمل ڪافي ساراھ جوڳو هيو، سنڌ جي ماڻهن ان فيصلي جي آجيان به ڪئي ، جنهن سان سوين نوجوان روزگار سان لڳي ويا، هونئن به سنڌ ۾ پيپلز پارٽي لاءِ اهو مشهور آهي ته اها روزگار ڪڏهن به کسيندي ناهي بلڪه روزگار ڏيندي رهي آهي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيٺل نظر اچن، جنهن تي پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ لڳاتار چوٿون ڀيرو آيل سنڌ حڪومت ڪافي حد تائين ڪم به ڪيو آهي، هزارين نه بلڪه لکين نوجوان روزگار سان لڳايا ويا آهن، پر جڏهن سنڌ حڪومت ۾ ويٺل وزير يا  ڪجهه آفيسر ان قسم جا ٻه اکيائي وارا فيصلا ڪندا ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهو مرحلو ڪنهن امتحان کان گهٽ نه هوندو، ڇو ته هڪ سنڌ ۾  هڪ ئي پاليسي هجي جيڪا هر فرق کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، تعليم کاتي ۾ آءِ بي ذريعي 2021 ۾ ورتل ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ اڌ علائقي کي گهٽ تعليم جو ريشو ڄاڻائي انهن کي گهٽ مارڪن تي نوڪريون ڏنيون ويون آهن ته  پوءِ جتي بهتر تعليمي معيار آهي جتي جا نوجوان ڪافي اهل به آهن ۽ جتي وڌيڪ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، اتي جي نوجوانن کي ان قسم جي فيصلن سان مايوس ڪرڻ به مناسب عمل ناهي، جيڪڏهن شروع ۾ سٺ سيڪڙو تي نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو ٿيل هو، جيڪڏهن اهو به ڏکيو هو ته ان ڪري ئي گهٽ مارڪن تي نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان ڳالهه جي ڪري ئي سنڌ حڪومت جي نيت تي شڪ نٿو ڪري سگهجي ته ان بهتر فيصلو ڪري سٺ کان گهٽ پنجونجاھ يا ان کان به تمام گهٽ 33 مارڪن تي به نوڪريون ڏئي سنڌ جي سوين خالي پيل اسڪولن ۾ استاد ڀرتي ڪري اتي تعليمي نظام کي هلائڻ چاهيو هو جيڪو قابل تعريف عمل آهي

 پر هاڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته گذريل 30 جون تي جتي ان ٽيسٽ وسيلي پاس ٿيندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ وارو سسٽم ڪلوز ڪيو ويو آهي ته اتي وري خالي ٿيل جاين تي نئين ٽيسٽ وٺڻ جو به چيو پيو وڃي، نئين ٽيسٽ به ڀلي ورتي وڃي پر جن اميدوارن 2021 ۾ 33 يا ان کان مٿي مارڪون کڻي ٽيسٽ پاس ڪئي ھئي يقينن پنج سال گذرڻ تي انهن جي عمر به پنج سال وڌي آهي جن مان ڪافي عمر وڌڻ سبب اميدوار هاڻ ٽيسٽ ڏيڻ جي اهل به نه رهيا هوندا ان ڪري سنڌ حڪومت جي وزير اعلي سميت اعلي اختيارين خصوصن ميڊم فريال ٽالپر صاحبه کي گذارش ڪجي ٿي ته سنڌ اسيمبلي مان هڪ اهڙو بل پاس ڪرايو وڃي جنهن ۾ گذريل ٽيسٽ ۾ پاس ٿيل اميدوارن کي روزگار سان لڳائڻ جي راھ هموار ڪري اها ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارن کي آرڊر ڏنا وڃن، جنهن کان  پوءِ رهيل خالي سيٽن تي ڀلي ٻيهر نئين سر ٽيسٽ وٺي اڳتي ايندڙ اهل اميدوارن کي به نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو وڃي جنهن سان نه رڳو تعليمي ميدان ۾ سنڌ سرڪار جو ڪم سٺن لفظن ۾ ڳڻيو ويندو بلڪه روزگار ڏيڻ جي حوالي سان پڻ سنڌ ٻين صوبن کان گهڻو اڳتي ليکي ويندي جنهن سان صوبي جي عوام جي دلين ۾ گهر وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ سنڌ جي ماڻھن ۾ معاشي طور ترقي به قابل رشڪ ليکي سگهجي ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.