هڪ طرفي ڪهاڻي،اڪنامسٽ جي ساک تي سوال؟

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)ليکڪ ۽ اي آءِ ماهر حسين نادم ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته اڪنامسٽ جو رپورٽر اوون بين جونز صحافت ۾ وڏو نالو آهي، پرعمران ۽ بشريٰ بابت اسٽوري ۾ ڪو ليکڪ بشريٰ تسڪين جي موجودگي آرٽيڪل جي اعتبار تي سوال اُٿاري ٿي،بشريٰ تڪسين  جي ٽوئيٽر تي سياسي مهم مسلم ليگ ن جي حق ۾، عمران خان جي زخمي ٿيڻ تي مذاق، ۽ جنرل عاصم منير جي حمايت ڏٺي وئي آهي۔هن پنهنجو ٽوئيٽر اڪائونٽ ڊليٽ ڪيو آهي، جيڪو آرٽيڪل جي تعصب کي وڌيڪ مشڪوڪ بڻائي ٿو،هن چيو ته آرٽيڪل ۾ ڄاڻايل ذريعا فيصل واوڊا،خاور مانيڪا، عون چوڌري،جهانگير ترين،طلعت حسين، عمران خان جو اڳوڻو ڊرائيور، ۽ هڪ مقامي قصاب ڄاڻايا ويا آهن،هن چيو ته آرٽيڪل تقريباً سڀ کان مخالف ۽ محدود نموني ذريعا چونڊيا آهن، جيڪا صحافتي غفلت آهي۔هتي شڪ پيدا ٿئي ٿو ته آرٽيڪل جو اصل مقصد پاڪستاني عوام لاءِ نه پر مغربي سياسي حلقن لاءِ معلومات پهچائڻ هو،هن چيو ته آرٽيڪل جي تجزيي ۾ 3 سالن جي هڪ ”اداري“ جي پروپيگنڊا، ڌاڳي ڦيڻي، ۽ بشرا بي بي جي ڪردار کي گهٽائڻ جهڙيون دعوائون شامل آهن۔اهڙي مواد کي ”اداري“ سان ڳنڍيل ميڊيا وڏي “ڪاميابي” طور تي شيئر ڪري رهي آهي۔ هن لکيو ته ان آرٽيڪل جي ٽائمنگ عجيب آهي جڏهن پاڪستان ۾ مارشل لا آهي، ۽ عمران خان ۽ سندس زال گذريل ٻن سالن کان جيل ۾ آهن، اهڙي ٽيبل اسٽوري سنجيده سوال اُٿاري ٿي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.