پ پ سنڌ جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي:رياض چانڊيو

گولاڙچي(رپورٽ:عيدن زندپور) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو گولاڙچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اسان سنڌ ۾ لاقانونيت، بدعنواني، ڪرپشن، منشيات، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪئنالن خلاف ٻيھر تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ رابطا مھم تي نڪتا آھيون ، ھن چيو ته پ پ پ جي حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري چڏيو آھي، پ پ سنڌ جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ھن چيو ته وڪيلن جي پرامن ڪنوينشن توڙي جسقم جي احتجاج تي سرڪاري غنڊن حملا ڪيا، جنھن جي مذمت ٿو ڪريان، ھن چيو ته سارين ، ٽماٽن ، بصر سميت سنڌ جي ھر فصل جو ريٽ ڪيرائي مافيا پنھنجا ڀڀ ڀري سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي، ظلم، بربريت ۽ ڪرپشن توڙي ناانصافي خلاف سنڌ جي عوام سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۽ رھبر ڪميٽي جي پليٽ فارم تان روڊن تي اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.