جنرل(ر) فيض حميد کي 10 سال قيد جي سزا جو امڪان

اسلام آباد/لاهور (زاهد گشڪوري+ امداد سومرو+ مزمل سهروردي) گرفتار اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف جنرل فيض حميد کي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ 8 کان 10 سال قيد جي سزا ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، عدالت سندس سڀني اثاثن کي ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏئي سگهي ٿي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف فيصلو ڪيو آهي ته جنرل فيض کي هر صورت سزا ملي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي عدالت جي فيصلي خلاف اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي سگهي ٿي، جيڪا آخري فيصلو بڻجي سگهي ٿي. اڳوڻي جنرل فيض حميد تي ملڪ تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهڻ جا الزام آهن. ٽرائل ۾ 457 ڏينهن تائين جاري ڪارروائي دوران اهم شخصيتون جنرل قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، شاهدي لاءِ حاضر نه ٿيا. ذريعن موجب، فيصلو جلد ايندو، فيض حميد جي سزا بعد ملڪ رياض ۽ عمران خان جي ڪورٽ مارشل ٽرائل جو به امڪان آهي.جنرل فيض جو ٽرائل مڪمل ٿي ويو آهي. تقريباً 457 ڏينهن کان جاري ٽرائل آخرڪار مڪمل ٿيو،ٽرائل 12 آگسٽ 2024 تي شروع ٿيو هو ۽ هاڻي مڪمل ٿيو آهي.فيض حميد جو فيصلو چار هفتن اندر فوجي عدالت (فيلڊ ڪوٽ مارشل) جي قانوني عمل موجب جاري ٿي سگهي ٿو.رپورٽ موجب، فيض حميد کي سزا ممڪن آهي، پر موت جي سزا نه ٿي سگهندي.فيض حميد جي سزا کان پوءِ ملڪ رياض ۽ عمران خان جو پڻ فوجي عدالت ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ڪيسن ۾ انهن جو سڌو سنئون تعلق آهي.ڪجهه ٻين ماڻهن جا نالا به آيا آهن جهڙوڪ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار جنرل باجوا، عمران خان جا ڪجهه قريبي دوست ۽ فيض جا پرانا دوست ڪيس ۾ پيش نه ٿيا،جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي انتظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪجهه ججن کي برقرار رکڻ ۽ نون ججن کي متعارف ڪرائڻ جو منصوبو آهي.ٻئي پاسي 28هين آئيني ترميم سان این ایف سي ایوارڊ ۽ صوبن جي حصن جي تقسيم تي به اثر پوندو، جيئن پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي شيئرز ترتيب ڏنا ويا آهن.ڪجهه جج پنهنجي فيملي سان به رابطا نه رکن ٿا، پر انهن تي استعيفائن لاءِ دٻاءُ جاري آهي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ مختلف عدالتن ۾ به ڪجهه ججن تي دٻاءُ آهي.بار ايسوسئيشنز جي تقسيم ۽ اپوزيشن جي ڪمزوري سبب وڏي تحريڪ اڀرڻ مشڪل نظر اچي رهي آهي،.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.