اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت خلاف جنگ ۾ الله پاڪ پاڪستان کي ڪامياب ڪيو، اسان امن پسند آهيون، جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ائين ئي جواب ڏينداسين جيئن مئي ۾ ڏنو هو. ايوان صدر ۾ اردن جي بادشاهه جي مان ۾ مانجهاندي ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي فيلڊ مارشل چيو ته الله جي حڪم موجب پنهنجا فرض انجام ڏيندو آهيان، الله پاڪ جا شڪرگذار آهيون، جنهن اسان کي فتح ڏياري، اها ڪاميابي الله پاڪ جي طرفان آهي، اسان جا سپاهي الله جي نالي تي وڙهندا آهن. ان موقعي تي فيلڊ مارشل غزوه احد بابت خيالن جو اظهار ڪندي قرآني آيتن جو حوالو پڻ ڏنو. قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي، فيلڊ مارشل چيو ته جيئن جيئن مسلمانن جي خلاف دشمنن جو تعداد وڌيو، تيئن تيئن ان مٽيءَ به انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون. عاصم منير چيو ته جيئن احد جي جنگ ۾ مٽي وجهڻ سان فتح حاصل ڪئي وئي، تيئن ئي پاڪستان جا سپاهي به جوابي جنگ ڪندا رهيا. جڏهن ڪو مسلمان الله تي ڀروسو ڪندو آهي ته هو دشمن تي اڇلايل مٽي کي به ميزائل ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. مان الله جي حڪم مطابق پنهنجا فرض ادا ڪندو آهيان.